سڪرنڊ: هڪ ئي رات ۾ چار چوريون، ڳوٺاڻن جو احتجاج، پوليس تي ناڪاميءَ جو الزام
سڪرنڊ ( رپورٽ: راج ڪماراوڏ) سڪرنڊ لڳ ڳوٺ ماڙي جلباڻي ٿاڻي جي حد ۾ هڪ ئي رات ۾ مختلف ڳوٺن مان چوريءَ جون چار واردتون چور لکين روپين جو سامان چوري ڪري ويا هوڏانهن نامعلوم چورن پاران گهرن ۾ داخل ٿي سون ، پئسا ، هٿيار چوري ٿيڻ خلاف ڳوٺاڻن پاران سخت احتجاج ڪيو احتجاج دوران ڳوٺاڻن کٻڙ خان گدارو ، ڇٽل گدارو ، گلبهار ۽ ٻين چيو ته سڪرنڊ تعلقي اندر چورن ۽ ڦورن رڻ ٻاري ڏنو آهي
ڪا به رات خالي ناهي جو چوري يا ڦر نه ٿي هجي. پوليس مڪمل طور امن ڪرائڻ ۾ ناڪام ٿي چڪي آهي هنن ڊي آئي جي شهيد بينظيرآباد ۽ وس وارن کان مطالبو ڪيو آهي ته فوري طور چوري ٿيل سامان واپس ڪرائي علائقي ۾ امن بحال ڪرايو وڃي.ٻئي پاسي سڪرنڊ شهر مان پڻ گزريل هفتي دوران چار موٽر سائيڪلون ڦُر ٿي چڪيون آهن جنهن جو پڻ ڪو داد نه ٿيو آهي
آگسٽ 26, 2025