سينيٽر قرت العين مري جو سانگھڙ ۾ ڊاڪٽر معروف لغاري جي تڏي تي پهچي تعزيت، وارثن جو جوابدارن جي گرفتاري جو مطالبو
سانگھڙ( ڊ ر ) پيپلزپارٽي جي سينٽر قرت العين مري سانگھڙ ڀرسان ڳوٺ حاجي احمد لغاري پھچي ڪجھ ڏينھن اڳ لغاري برادري ھٿان شهيد ٿيندڙ ڊاڪٽر معروف لغاري جي تڏي تي پهچي تعزيت ڪئي، ان موقعي تي ايس ايس پي سانگهڙ عابد بلوچ پڻ موجود ھو، قرت العين مري جو چوڻ ھو ته صحت کاتي ۾ ڊاڪٽر معروف جون خدمتون وسارڻ جوڳيون ناهن،
ھو ھڪ بھترين انسان ھو جيڪو خدمت خلق ۾ ھميشه اڳڀرو رھيو، اسان کي ان جي وچوڙي تي تمام گھڻو افسوس آهي، اسان جي وڌ ۾ وڌ ڪوشش ھوندي ته شھيد جي خون سان انصاف ٿئي. ان موقعي تي ايس ايس پي سانگهڙ عابد بلوچ جو چوڻ ھو ته ڊاڪٽر معروف جي وڇوڙي سان وڏو خال پيدا ٿيو آهي جيڪو ڀرجي نه سگهندو، اسان ھن ڏک جي گھڙي ۾ پوئنيرن سان برابر جا شريڪ آهيون. شھيد جي قاتلن کي ڪيفر ڪردار تائين پچائڻ لاءِ ھر ممڪن ڪوشش ڪئي ويندي،
ان موقعي تي وارثن پوليس تي بي اعتمادي جو اظھار ڪندي ايس ايس پي کان جانچ آفيسر تبديل ڪرڻ جو مطالبو ڪيو، وارثن جو چوڻ ھو ته اڃا تائين سڀ جوابدار ڇو گرفتار نه ٿي سگھيا آهن، ايس ايس پي جو چوڻ هو ته جانچ آفيسر تبديل ڪري ڪجھ ڏينهن ۾ مک جوابدار سميت سڀني جوابدارن کي گرفتار ڪري شھيد جي خون سان انصاف ڪيو ويندو.
آگسٽ 26, 2025