بلوچستان حڪومت جو ”بينڪ آف بلوچستان“ جي قيام جو اعلان

ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) بلوچستان حڪومت بينڪ آف بلوچستان جي قيام جو اعلان ڪري ڇڏيو.
وڏي وزير سرفراز بگٽي جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ منصوبي جي شروعاتي فزيبلٽي رپورٽ پيش ڪئي وئي، جنهن کي عمل جوڳو قرار ڏنو ويو.
سرفراز بگٽي هڪ هفتي اندر منصوبي جو آپريشنل پلان جوڙڻ جي هدايت ڪندي چيو ته بينڪ آف بلوچستان جي قيام سان عوام، واپارين ۽ سيڙپڪارن کي معياري بينڪنگ سهولتون فراهم ٿينديون.
هن چيو ته صوبي جو عوام جلد خوشخبري ٻڌندو، ڇو ته اهو منصوبو صوبي ۾ معاشي سرگرمين کي هٿي ڏيڻ جو سبب بڻجندو، نوجوانن جا روزگار جا نوان موقعا پيدا ٿيندا.