”ايوراڊ ڏوڪڙن تي ملن ٿا، پئسا هوندا ته مان به خريد ڪنديس“

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني ماڊل ۽ اداڪارا اريبه حبيب انڪشاف ڪيو آهي ته شوبز انڊسٽري ۾ ايوراڊ خريد ڪيا ويندا آهن، پر سندس خيال ۾ ڪنهن به فنڪار جو اصل ايوراڊ سندس بئنڪ اڪائونٽ هوندو آهي.
ويجهڙ ۾ اريبه حبيب هڪ انٽرويو دوران ايوراڊز بابت سوال تي صاف راءِ جو اظهار ڪندي چيو ته” ماڊلنگ جي دور ۾ مان ايوراڊ کي اهميت ڏيندي هسس، پر اداڪاري شروع ڪرڻ کانپوءِ مون لاءِ ايوراڊن جي ڪا اهميت ناهي رهي.“
اداڪارا جو چوڻ هو ته ” منهنجي نظر ۾ ايوراڊ ڪجهه به ناهي، اصل ايوراڊ توهان جو بئنڪ اڪائونٽ آهي، ٻيو ته جڏهن توهان سيٽ ڇڏيو ته پر پُٺ توهان بابت سٺيون ڳالهيون ٿين، اُهي ئي توهان جو اصل ايوراڊ آهي.“
هن ٻڌايو ته ڪيئي سينيئر اداڪار اهڙا آهن جن جا گهر انعامن ڀريا پيا آهن پر وٽن علاج لاءِ پئسا نه آهن، اهڙن اداڪارن جو ڪهاڻيون ٻڌي مون کي روئڻ ايندو آهي.“
اريبه حبيب وڌيڪ چيو ته ” جيڪڏهن مونکي ايوراڊ کپندو ۽ مون وٽ اضافي پئسا هوندا ته مان به وٺي ڇڏينديس.“
هن مُرڪندي دٻيل لفظن ۾ چيو ته ” ايوراڊ هر هنڌ ملن ٿا، مان ڪٿي به وڃي خريد ڪري سگهان ٿي، پر مونکي اهڙا ايوراڊ نه گهرجن.“