اسلام ڪوٽ: ٿرڪول ريلوي لائين سبب ڳوٺ ٻٽڙا جا گهر، مندر ۽ کوھ متاثر، ڳوٺاڻن جو احتجاج

Spread the love

اسلام ڪوٽ(رپورٽ:احمدعلي سانگي)ٿرڪول ريلوي لائين سبب ڳوٺ ٻٽڙا ۾ 10 گھر،2 مندر ۽ 2 کوھ متاثر،ڳوٺاڻن جو احتجاج، خبرموجب:ٿرڪول بلاڪن ڏانھن ٺھندڙ ريلوي لائين جي ڪم سبب بلاڪ ڳوٺ ٻٽڙا ۾ ڀيل برادري جي 10 گھرن،ٻن مندرن،3 کوھن ۽ تراين سميت لنگھ رستا متاثر ٿي رھيا آھن،ڳوٺاڻن موجب ريلوي لائين جي ڪم سبب اسان جا ھن وقت تائين 10 گھر،2 مندر،3 کوھ لٽجي رھيا آھن،

ريلوي پٽڙي جي مٽي گھرن مٿي اچي پھتي آھي،اسان جون سروي زمينون،قدرتي پاڻي جون ترايون ۽ لنگھ رستا ختم ٿي چڪا آھن،اسان کي معاوضو ناھي ڏنو ويو،انھي سلسلي ۾ ڳوٺ ٻٽڙا جي رھواسين گورڌن ڀيل،راڻو ڀيل،پھلاج ڀيل،گھنو،ڪانجي،ڪونڀو،ڀيرو،چيتن ڀيل ۽ ٻين پريس ڪلب اسلام ڪوٽ پھچي ريلوي لائين سبب گھر متاثر ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي،ڳوٺاڻن دانھيندي چيو ته ٿرڪول پراجيڪٽ ڏانھن ٺھندڙ ريلوي لائين جي ڪم سبب اسان جو ڳوٺ سخت متاثر ٿي رھيو آھي،ھن وقت ظاھري طور اسان جا 10 گھر،2 مندر،3 کوھ پٽڙي جي مٽي ھيٺ ڌٻجي رھيا آھن،

مٽي گھرن ۽ مندرن مٿي اچي وئي آھي،جھڙي نموني ڪم ھلي رھيو آھي انھي حساب سان اسان جا 35 کن گھر مٿاثر ٿيندا،ھنن دانھيندي چيو ته اسان ڪافي دفعا ريلوي لائين جو ڪم ڪندڙ ڪمپني آڏو دانھيو آھي پراسان کي ٿيندڙ نقصان سميت سروري زمينن جو معاوضو نه ٿو ڏنو وڃي،چيو وڃي ٿو ته ٻي ھنڌ ڪٿي وڃي آباد ٿيو،احتجاج ڪندڙن چيو ته اسان جون سيمون،سيڙھا،لنگھ ء رستا ختم ٿي رھيا آھن،گھر به متاثر ٿي چڪا آھن،ريلوي لائين تي ڪم ڪندڙ ڪمپنين جا ٺيڪيدار چون ٿا ته ھي ادارن جو ڪم آھي بند نه ٿيندو توھان حڪومت سان وڃي ڳالھايو،ڳوٺاڻن موجب اسان کي خوف ۽ ڊپ ۾ مبتلا ڪيو ويو آهي،اسين غريب اٻوجھ ماڻھو ڪيڏانھن وڃون ڪير به دانھن نہ ٿو ٻڌي،روينيو جي ٽيم به سروي ڪري وئي آھي انھن به اعتراف ڪيو آھي

ته توھان جا گھر متاثر ٿين ٿا اھا رپورٽ به ڊي سي کي ڏني وئي آھي،اسان ڪا في ڀيرا پ پ ايم اين اي ڊاڪٽر مھيش ڪمار ملاڻي کي به دانھن ڏني آھي ھينئر تازو صوبائي وزير ناصر حسين شاهه کي به دانھن ڏني آھي پر ڪٿان به ڪو کڙ ٿيل نه ٿو نڪري،اسان جو سادو مطالبو آھي ته سروي زمينن مان نڪرندڙ پٽڙي جي سروي ڪرائي انھي جو معاوضو ڏنو وڃي ۽ متاثر ٿيندڙ گھرن،مندرن،کوھن سميت تراين جو پڻ ازالو ڪيو وڃي

اسان ڪنھن بہ منصوبي يا ترقي جا مخالف ناھيون اسان غريب مسڪين ماڻھو آھيون پھرين ڪوئلي جي کوٽائي دوران متاثر ٿياسين ھاڻي رھيل ريلوي لائين جي پٽڙي ڪم پورو ڪري رھي آھي اسان جي دانھن بڌي جائز مطالبا مڃي انصاف ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ اسان جلد وڏو احتجاج رڪارڊ ڪرائينداسين جنھن ۾ عورتون به شامل ھونديون

آگسٽ 26, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو