ڀارت جو 24 ڪلاڪن دوران پاڪستان سان ٻيهر رابطو، امڪاني ٻوڏ خطري بابت آگاهه ڪري ڇڏيو

Spread the love

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ڀارت 24 ڪلاڪن ۾ پاڪستان سان ٻيهر رابطو ڪري ستلج درياهه ۾ امڪاني ٻوڏ بابت اڳواٽ اطلاع ڏئي ڇڏيو.
سفارتي ذريعن موج، ڀارتي هاءِ ڪمشن اسلام آباد، پرڏيهي وزارت سان رابطو ڪري ستلج درياهه ۾ ٻوڏ بابت معلومات فراهم ڪئي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ڀارت ماضي ۾ به ٻوڏ وارو پاڻي بابت پاڪستان کي آگاهه ڪندو رهيو آهي.
پرڏيهي کاتي جي ترجمان شفقت علي خان جو چوڻ آهي ته ڀارت 24 آگسٽ تي سنڌ طاس ڪميشن بدران سفارتي چينلن ذريعي ٻوڏ جون وارننگز ڏنيون، جڏهن ته پاڪستان واضح ڪيو ته ڀارت معاهدي جي سمورن شرطَن تي مڪمل عمل ڪرڻ جو پابند آهي.
ترجمان وڌيڪ چيو ته ڀارت پاران سنڌ طاس معاهدي کي معطل قرار ڏيڻ بين الاقوامي قانون جي سنگين ڀڃڪڙي آهي ۽ اهڙا هڪ طرفا قدم علائقي جي امن ۽ استحڪام تي ناڪاري اثر وجهي سگهن ٿا.
واضح رهي ته گذريل رات به ڀارت پاڪستان کي توئي درياهه ۾ ڄمون واري علائقي ۾ امڪاني وڏي ٻوڏ اچڻ بابت آگاهه ڪيو هو.
ذريعن موجب، اهو رابطو مئي ۾ ٿيندڙ پاڪ-ڀارت جنگ کان پوءِ پهريون وڏو رابطو هو.
ياد رهي ته ڀارت مئي ۾ پاڪستان سان ٿيل جنگ کانپوءِ پاڻمرادو سنڌو طاس معاهدو ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو، جنهن کي پاڪستان رد ڪري ڇڏيو هو.

آگسٽ 25, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو