نوابشاهه ۾ استادن جو احتجاج: اسڪولن جي تالابندي، تدريسي عمل بند
نوابشاه ( رپورٽ :عبدالفتاح رند) سنڌ ايمپلائز الائنس جي ڏنل سڏ تي شهيد بينظيرآباد ۽ ڀرپاسي جي ڳوٺن ۾ سيڪنڊري ۽ پرائمري اسڪولن ۽ ايجوڪيشن آفيسن کي تالابندي ڪري استادن پاران سخت احتجاج ڪيو ويو جنهنڪري تدريسي عمل بند رهيو،اسڪولن جي تالابندي ڪئي وئي جنھن جي ڪري شاگرد ۽ شاگردياڻيون سخت پريشاني کي منهن ڏئي رهيون هيون،پ ٽ الف گسٽا ۽ جي ضلعي صدر ولي محمد کوسو .
آپڪا ايجوڪيشن جي صدر علي اڪبر زرداري بادل شر علي اڪبر خاصخيلي ۽ ٻين پاران ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي ايڇ ايم خواجه اسڪول کان پريس ڪلب نوابشاهه تائين احتجاجي ريلي ڪڍي احتجاج ڪيو اڳوڻن چيو ته سرڪار ملازم دشمن پاليسيون آڻي سنڌ جي لکين سرڪاري ملازمن کي اڄ پنهنجي درسگاهن جي تالابندي تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي،هنن چيو ته سرڪار پينشن رفارمز نالي تي ڪارو قانون پاس ڪيو آهي جنهنکي اسان مڪمل طور تي رد ڪيون ٿا،ڊي آر اي الائنس نه ڏيڻ،
گروپ انشورنس ۽ مهانگائي مطابق پگهارن ۾ واڌ نه ڪرڻ کي اسان تعليم دشمني ۽ اسانجي جي جائز حقن تي ڌاڙو سمجهون ٿا اڄوڪي احتجاجي جي ڪري ضلعي شھيد بينظير آباد جي سمون سرڪاري ادارن جي تالابندي ڪري پنهنجو پرامن احتجاج رڪارڊ ڪرايو وڃي پيو جيڪڏهن حڪومت پنهنجون غيرقانوني ملازم دشمن پاليسيون واپس نه ورتيون ته احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو۔
آگسٽ 25, 2025