مٺي ۾ سرڪاري ملازمن جو احتجاج: پينشن ريفارمز ۽ الائونس نه ڏيڻ خلاف ريلي

Spread the love

مٺي (رپورٽ: الهڏنو بجير) حڪومت سنڌ طرفان سڀني سرڪاري ملازمن سان ٿيندڙ ناانصافي، ٻہ اکيائي، پينشن ريفارمز جي نالي تي ٿيندڙ پينشن مان ڪٽوتي جي ڪاري قانون جي خلاف، وفاق جيان سنڌ جي ملازمن کي ڊسپيئرٽي ريڊڪشن الائونس نه ڏيڻ. پگھارن ۾ ڪٽوتي ڪرڻ، گروپ انشورنس ۽ بينئول فنڊ رٽائرمينٽ جي وقت نہ ڏيڻ جي خلاف سنڌ ايمپلائيز الائنس جي سڏ تي پوري سنڌ جيان ٿرپارڪر ۾ به ڪالهه تدريسي عمل جو مڪمل بائيڪاٽ، آفيسن ۽ اسڪولن جي تالابندي ڪري،

قلم ڇڏ هڙتال ڪري ۽ مک دروازن تي ڪارا جھنڊا چاڙهي سڀني ملازمن ٻانھن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي احتجاج رڪارڊ ڪرايو. جنهن ۾ ٿرپارڪر جي سڀني سرڪاري ملازم تنظيمن جي اڳواڻن ۽ ميمبرن ھاءِ اسڪول مٺي کان پريس پريس ڪلب ۽ ڪشمير چوڪ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي ويئي احتجاجي  ريلي کي خطاب ڪندي گسٽا ٿرپارڪر جي جنرل سيڪريٽري جيتيش راٺي، وجئہ شرما، راجيش ڪمار، مرتضي بجير ۽ ٻين ملازم تنظيمن جي اڳواڻن چيو ته سنڌ حڪومت طرفان پينشن ريفارمز جي نالي سان ڪارو قانون لاڳو ڪري سنڌ جي ملازمن جو معاشي قتلام ڪيو آھي

جنھن سان سنڌ جي ملازمن ۾ سخت بيچيني ڦھليل آھي انھي کان سواءِ سنڌ کان سواءِ ٻين سمورن صوبن ۽ وفاق جي ملازمن کي ڊي. آر. اي ڏنو وڃي ٿو پر سنڌ جي ملازمن کي انھيءَ کان پڻ محروم رکيو ويو آهي. هنن سنڌ حڪومت کان پرزور مطالبو ڪيو ته سنڌ جي ملازمن جا جائز مسئلا حل ڪري ڪيا وڃن ٻي صورت ۾ احتجاجي تحريڪ جو دائرو وڌايو ويندو.

آگسٽ 25, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو