معافي جي صلاح ڏيندڙ سهيل وڙائچ کان معافي وٺرائي ويندي؟

اسلام آباد (ويب ديڪس) سهيل وڙائچ جو جيڪو ڪالم هو جنهن ۾ هن ڊي جي آءِ ايس پي آر کي جواب ڏنو هو، ان کي جيو نيوز پنهنجي آفيشل ويب سائيٽ تان هٽائي ڇڏيو آهي. سهيل وڙائچ ان کي ٽوئٽر تي به شيئر ڪيو هو پر هاڻي ان لنڪ تي ڪلڪ ڪرڻ سان ٻي شئي اچي وڃي ٿي.
صحافي جڏهن ڦاسندو آهي ته ٻيا صحافي ان سان گڏ بيهندا آهن، راڻا ثناءُالله به چيو ته سهيل وڙائچ صحيح چئي رهيو آهي پر ادارا گڏ نٿا بيهن، ادارا هٿ کڻي وڃن ٿا. سهيل وڙائچ چيو هو ته عمران خان معافي گهري ۽ هاڻي لڳي ٿو سهيل وڙائچ کان معافي وٺرائي ويندي.
آگسٽ 25, 2025