راڻا ثناءُ الله جي گهر تي حملي واري ڪيس ۾ عمر ايوب، شبلي فراز ۽ زرتاج گُل سميت 59 جوابدارن کي 10،10 سال قيد جي سزا

فيصل آباد (ويب ڊيسڪ) فيصل آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي مرڪزي اڳواڻن سميت 75 جوابدارن کي 9 مئي تي رانا ثناءُ االله جي گهر تي حملي واري ڪيس ۾ قيد جون سزائون ٻڌائي ڇڏيون. عدالت طرفان پي ٽي آءِ اڳواڻ عمر ايوب، شبلي فراز، زرتاج گل، ڪنول شوزب، احمد چٺه، راءِ حسن نواز، انصر اقبال ۽ بلال اعجاز سميت 59 جوابدارن کي 10، 10 سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي.
ان کانسواءِ ساڳئي ڪيس ۾ ٻين 16 جوابدارن کي 3، 3 سال قيد جون سزائون ٻڌايون ويون آهن، جڏهن 109 مان 34 جوابدارن کي بري ڪيو ويو، بري ٿيندڙ جوابدارن ۾ فواد چوڌري ۽ زين قريشي به شامل آهن.
پي ٽي آءِ طرفان ان ڪيس ۾ ٻڌايل سزائن کي ”ناانصافي“ قرار ڏنو ويو آهي.
پي ٽي آءِ اڳواڻ زلفي بخاري جو چوڻ آهي ته ” 9 مئي جي آڙ ۾ عام شهرين، سندن گهرڀاتين ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻن سان نه رڳو ناانصافيون ٿي رهيون آهن پر کين هيسايو پيو وڃي، زندگيون برباد ڪيون پيون وڃن ۽ مٿن تي ناقابلِ تصور ظلم ڪيا پيا وڃن.“