افغانستان ايشيا ڪپ لاءِ 17 رڪني اسڪواڊ جو اعلان ڪري ڇڏيو

Spread the love

ڪابل (ويب ڊيسڪ) افغانستان ڪرڪيٽ بورڊ ايشيا ڪپ لاءِ 17 رڪني اسڪواڊ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
افغانستان ڪرڪيٽ بورڊ طرفان جاري ڪيل پڌرائيءَ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ٽيم جي قيادت راشد خان ڪندو، جڏهن ته ٻين رانديگرن ۾ رحمان الله گرباز، ابراهيم زادران، درويش رسولي، صديق الله اتل، عظمت الله، ڪريم جنت، محمد نبي شامل آهن.
گلبدين نائب، شرف الدين اشرف، محمد اسحاق، مجيب الرحمان، اي ايم غضنفر، نور احمد، فريد احمد، نوين الحق، فضل الحق فاروقي کي به اسڪواڊ ۾ شامل ڪيو ويو آهي.
واضح رهي ته افغانستان جي ٽيم ايشيا ڪپ کان اڳ ٽي ملڪي سيريز ۾ حصو وٺندي، جنهن ۾ پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارتن جون ٽيمون شامل آهن.
9 سيپٽمبر کان شروع ٿيندڙ ايشيا ڪپ ۾ افغانستان جي ٽيم گروپ بي ۾ شامل آهي، جنهن جو مقابلو بنگلاديش، سريلنڪا ۽ هانگ ڪانگ سان ٿيندو.

آگسٽ 25, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو