گلشن حدید واسين جو نااهل قيادت خلاف ڪارروائي جو مطالبو
ملير (ذوالفقار علي نصيراڻي ) گلشن حدید جي رهواسين پنهنجي چونڊيل نمائندن جي سالن کان جاري غفلت ۽ بدانتظامي تي سخت احتجاج ڪندي فوري قدم کڻڻ جو مطالبو ڪيو آهي رهواسين جو چوڻ آهي ته گلشن حديد ڪڏهن هڪ مثالي آبادي سمجهي ويندڙ جيڪا اڄ ٽٽل روڊن، ناقص صفائي، پاڻي جي شديد کوٽ ۽ بيقابو قبصاگيرن جو شڪار آهي، جنهن رهواسين جي روزمره زندگي عذاب بڻائي ڇڏي آهي۔علائقي وارن جو چوڻ آهي ته ترقياتي فنڊ ڪاغذي منصوبن ۾ هڙپ ڪيا وڃن ٿا جڏهن ته زميني حقيقت زوال ۽ بربادي جي عڪاسي ڪري ٿي۔
سندن الزام آهي ته عوامي نمائندا ذاتي مفاد کي عوامي خدمت تي ترجيح ڏئي رهيا آهن، جنهن سبب مايوسي وڌي رهي آهي۔سول سوسائٽي تنظيم سنڌ سماجي سنگت رهواسين سان يڪجهتي جو اظهار ڪندي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کان مطالبو ڪيو آهي ته هو ذاتي طور گلشن حدید جو دورو ڪن، مقامي نمائندن جي ڪارڪردگي ۽ مالي معاملن جي جاچ ڪرائن، نااهل عهديدارن کي هٽائي اهل ۽ ايماندار قيادت کي آڻين ۽ شفافيت ۽ احتساب ذريعي عوام جو اعتماد بحال ڪن۔
سنڌ سماجي سنگت پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته هي رڳو مقامي مسئلو ناهي پر جمہوري اصولن جو امتحان آهي، سنڌ جا عوام اهڙي قيادت جا حقدار آهن جيڪا ٻڌي، خدمت ڪري ۽ سندن مسئلا حل ڪري۔
آگسٽ 24, 2025