پاٽ شريف ۾ پوليس ۽ چوڪيدارن جي بروقت ڪاروائي، لکين روپين جي چوري جي ڪوشش ناڪام

Spread the love

ڦلجي اسٽيشن( رپورٽ:غلام حيدر پنھور ) پاٽ شريف پوليس ۽ چوڪيدارن جي بروقت ڪاروائي ، گزريل رات دير سان شاهي بازار جي دوڪان مان لکين روپين جي چوري واردات ناڪام بڻائي ڇڏي ، اڻڃاتل چور اوندھ جو فائدو وٺي فرار ٿي ويا ، دوڪان مالڪ اياز حسين عباسي پاران وارادت ناڪام بڻائڻ تي چوڪيدارن کي نوٽن هار پارايا ويا ،

ان موقعي تي دوڪاندار اياز حسين عباسي ، فياض عباسي ، سيٺ فدا ملاح ، ۽ ٻين چيو ته پاٽ شريف ٿاڻي  تي مقرر نفري شهرين جي مال ۽ جان جي حفاظت لاء ناڪافي آھي ، پوليس پوسٽ پاٽ کي موبائل (گاڏي ) به نه مليل آھي پر هوندي به چوري واردات ناڪام بڻائڻ تي کين جس پيش ڪيون ٿا پوليس نفري گهٽ هجڻ ۽ موبائل گاڏي نه  هجڻ سبب علائقي ۾ هر آئي رات واردتون ٿين ٿيون هر آئي رات اسان شهري توڙي ڪاروباري ماڻھو جاڳي ڏينهن ڪيون ٿا ، بازار ۾ پوليس نفري نه هجڻ سبب ڏوهاري وارداتن جو هر وقت خدشو رهي

ٿو جنهن سبب ڪاروبار سخت متاثر ٿئي ٿو هنن وڌيڪ چيو ته پاٽ شريف پوليس ۽ چوڪيدارن بروقت ڪاروائي ڪري الھ تلھ ٻھارجڻ کان بچائي ورتو آھي انهي فرض شناسائي جي حوصلا افزائي ڪندي کين نوٽن جا هار پارايون ٿا دوڪاندارن ايس ايس پي دادو سميت وسوارن کان مطالڀو ڪندي گهر ڪئي ته بازار ۾ نفري مقرر ڪري ڪاربار متاثر ٿيڻ کان بچايو وڃي

آگسٽ 24, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو