نوابشاهه ۾ پيغمبر ﷺ جي وفات ۽ امام حسن عليه السلام جي شهادت جي مناسبت سان مجلس عزا منعقد
نوابشاه( رپورٽ: عبدالفتاح رند) شيعه علماء ڪائونسل نوابشاهه پاران پيغمبر محمد مصطفيٰ صلي الله عليه وآله وسلم جي وفات ۽ حضرت امام حسن مجتبيٰ عليه السلام جي شهادت جو ڏينهن انتهائي عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويو، ان حوالي مجلس عزا امام بارگاھ يادگار ڪربلا ۾ منعقد ڪئي وئي، جنھن کي مولانا بهادر حسين قمي، زوار محمد حسين چانڊيو، مولانا مشتاق حسين مطهري، زوار آصف حسين الحسيني چيو ته نبي ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم جي اخلاق، صبر، بردباري ۽ سٺي رويي جي ڪري اسلام سڄي دنيا ۾ پکڙجي ويو،
اڄ جي مسلمانن کي به گھرجي ته پيغمبر صلي الله عليه وآله وسلم جي سٺي رويي کي اپنائيندي پاڻ ۾ اتحاد، وحدت ۽ ڀائيچاري کي فروغ ڏين ته جيئن اسلام جو اصل پيغام دنيا تي واضح ٿئي، مجلس عزا کي خطاب ڪندي مقررين چيو ته حضور صلي الله عليه وآله وسلم فرمايو ته امام حسن عليه السلام ۽ امام حسين عليه السلام جنت جي نوجوانن جا سردار آهن، هنن چيو ته امام حسن عليه السلام اسلام جي بقا ۽ امت مسلمه جي اتحاد لاءِ وڏيون عظيم قربانيون ڏنيون،
صلح جي ذريعي امت کي خونريزي کان بچايو ۽ پنهنجي ڏاڏي جي دين جي حفاظت ڪئي، سندس زندگي امت مسلمه لاءِ امن، صبر ۽ حڪمت جو روشن مثال آهي، مجلس عزا ۾ شيعه ۽ سني مومنن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي. تقريب کان پوءِ عزاداري ڪئي وئي ۽ آخر ۾ نياز امام حسين عليه السلام ورهايو ويو.
آگسٽ 24, 2025