سڪرنڊ ۾ جشن ميلادالنبي ﷺ ڪائونسل جو اجلاس، مرڪزي جلوس جا انتظام طئي
سڪرنڊ ( رپورٽ: راج ڪماراوڏ ) حضور سرور ڪائنات ﷺ جن جو 15 سئو ساله جشن ولادت ۽ هر سال جيان هن سال به مرڪزي جلوس ڪڍڻ جي لاءِ جشن ميلادالنبي ﷺ ڪائونسل پاران جامع مسجد غوثيه ۾ ڪائونسل جي چيئرمين مفتي فيض فيض محمد سڪندري جي صدارت هيٺ اهم اجلاس منعقد ڪيو ويو جنهن ۾ عالمن ، حافظن ۽ پيش امامن کانسواءِ مختلف مذهبي تنظيمن جي اڳواڻن شرڪت ڪئي
اجلاس ۾ 12 ربيع الاول واري ڏينهن تي نڪرندڙ مرڪزي جلوس جي حوالي سان صلاح مشورا ڪرڻ بعد طئي ڪيو ويو مرڪزي جلوس جو آغاز صبح جو نائين وڳي سيال هوٽل کان ٿيندو جيڪو مقرر ڪيل روٽس تان لنگهڻ بعد قاضي سرفراز ميمڻ چوڪ تي پهچندو جتي خصوصي بيان ٿيڻ بعد ٽانڪي واري محمدي مسجد ۾ اختتام پذير ٿيندو جتي عالم سڳوران جشن ولادت ﷺ جي حوالي سان بيان ڪندا اجلاس ۾ مفتي فيض محمد سڪندري صدارتي خطاب ۾ چيو ته سڀني دوستن کي گزارش ٿي ڪجي ته ٽائيم جي پابندي سان مرڪزي جلوس ۾ شريڪ ٿين ۽ ڪوشش ڪن ته پنهنجن پنهنجن علائقن مان وڌ ۾ وڌ شرڪت کي يقيني بڻائين هن وڌيڪ چيو ته هيءُ جلوس صديون پراڻو آهي جيڪو پوري دنيا ۾ ملهايو وڃي ٿو الحمد الله سڪرنڊ ۾ پڻ نڪرندڙ مرڪزي جلوس قديمي جلوس آهي
جيڪو هن وقت جشن عيد ميلاد النبي ڪائونسل پاران ڪڍيو ويندو آهي هن انتظاميه ۽ سيڪيورٽي ادارن جو ڌيان ڇڪائيندي چيو ته صفائي ۽ حفاظتي انتظامن تي خاص ڌيان ڏنو وڃي اجلاس ۾ مولانا نظير احمد سڪندري ، مولانا عمر دراز اخترالقادري ، مولانا محمد الدين چانڊيو ، حافظ مختيار علي ڪرمي ، حافظ قادر بخش ڀٽي . لياقت ڪيريو ، امداد عطاري ، حبيب الله مدني ۽ قاضي جاويد سنائي سميت ڪئي شخصيتون شريڪ هيون
آگسٽ 24, 2025