رانديگر” اي ڪيٽيگري“ جي لائق نه آهن: محسن نقو ي

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) جي چيئرمين محسن نقوي واضح ڪيو آهي ڀارت سان لاڳاپن ۾ اسان جو موقف واضح آهي، هاڻي ڳالهيون رڳو برابري جي بنياد تي ٿينديون.
لاهور ۾ميڊيا سان ڳالهائيندي محسن نقوي چيو ته قومي ٽيم جي سليڪشن ۾ سندس ڪو ڪردار ناهي، رانديگرن جي چونڊ ۽ ڪڍڻ جو فيصلو سليڪٽرز ۽ ايڊوائزري ڪميٽي ڊگهي مشاورت کانپوءِ ڪن ٿا ۽ کيس سندن فيصلي تي مڪمل اعتماد آهي.
ون ڊي ٽيم جي قيادت بابت سوال تي چيئرمين پي سي بي چيو ته ويسٽ انڊيز جي دوري جي رپورٽ هيڊ ڪوچ جمع ڪرائي ڇڏي آهي، جڏهن ته ٽيم جي قيادت جو فيصلو سليڪشن ڪميٽي ڪندي.
محسن نقوي ٻڌايو ته سليڪشن ڪميٽي کي چيو ويو آهي ته رڳو انصاف تي ٻڌل فيصلا ڪيا وڃن، ڇو ته اسان جي ڪوشش آهي ته نوجوان رانديگرن کي موقعا ڏنا وڃن ته جيئن مقابلي جو ماحول پيدا ٿئي.
سينٽرل ڪانٽريڪٽس ۾ ڪنهن کي به ”اي ڪيٽيگري“ نه ڏيڻ بابت پي سي بي چيئرمين چيو ته کيس ٻڌايو ويو آهي ته گذريل ڪارڪردگي اهڙي نه هئي جو ڪنهن کي به ان ڪيٽيگري ۾ رکيو وڃي.
هن وڌيڪ چيو ته اميد آهي قومي ٽيم ايشيا ڪپ ۾ بهترين ڪارڪردگي ڏيکاريندي.
محسن نقوي ميڊيا کي اپيل ڪئي ته بنا سبب قومي رانديگرن تي تنقيد نه ڪئي وڃي، ڇو ته هڪ ئي ميچ کانپوءِ تيز تنقيد سان رانديگر مايوس ٿين ٿا، جڏهن ته ٽورنامينٽ ختم ٿيڻ تائين صبر ڪرڻ گهرجي.
وومينز ٽيم بابت چيئرمين پي سي بي جو چوڻ هو ته اميد آهي هاڻي قومي وومينز ٽيم جي ڪارڪردگي ۾ بهتري ايندي، ڇو ته اتان به سياست جو خاتمو ڪيو ويو آهي.