اين ايف سي فارمولي مان صوبن جو مالياتي حصو گهٽائڻ غير آئيني عمل هوندو

Spread the love

رپورٽن موجب صدر آصف علي زرداري وفاق ۽ صوبن جي وچ ۾ مالياتي ورڇ لاءِ يارهين قومي مالياتي ڪميشن قائم ڪري ورتي آهي. ان ڪميشن جي چئن ئي صوبن جا ناڻي جا وزير ميمبر هوندا  جڏهن ته ڪميشن جو سربراهه وفاقي حڪومت جي موجوده ناڻي  جو وزير محمد اورنگزيب هوندو. آئين جي آرٽيڪل 160 جي ڪلاز 2 تحت وفاق ۽ صوبن وچ ۾ ٽيڪس آمدني جي ورڇ، وفاق پاران صوبن کي گرانٽس ۽ ايڊ ڏيڻ جي مامرن، وفاق ۽ صوبن جي  قرض وٺڻ جي اختيارن بابت سفارشن سان گڏ صوبائي دائري ڪار ۾ ايندڙ خرچن ۾ صوبي کي حصيدار بڻائڻ سان گڏ بين الصوبائي خرچن کي وفاق سان گڏ صوبن ۾ تقسيم ڪرڻ، قومي نوعيت جي منصوبن، وفاق سان گڏ صوبن کي به حصيدار بڻائڻ شامل آهن.

ان حوالي سان اهي به رپورٽون آهن ته اين ايف سي ايوارڊ تحت صوبن کي ملندڙ 57 سيڪڙو حصي کي ٽيڪنيڪل طور تي گهٽ ڪرڻ جي تياري ڪئي وئي آهي. جڏهن ته آئيني طور  تي اين ايف سي ۾ صوبن جي طئي ڪيل حصي کي وڌائي سگهڻ جي اجازت آهي پر گهٽائي نه ٿو سگهجي پر هتي وفاقي حڪومت جو صوبن جو مالياتي حصو گهٽائڻ تي زور آهي. هونئن ته اين ايف سي تحت ڪوبه فارمولو رڳو اتفاق راءِ سان ئي تبديل ڪري سگهجي ٿو پر ذريعا ٻڌائن ٿا ته جيڪڏهن اتفاق نه ٿيو ته وفاقي حڪومت 27 هين ترميم ذريعي فارمولي ۾ تبديلي جو رستو اختيار ڪري سگهي ٿي. اهي به رپورٽون آهن ته وفاقي حڪومت کان آءِ ايم ايف پاران حڪومتي خرچ گهٽ ڪرڻ جو به مطالبو ٿي رهيو آهي. آءِ ايم ايف جي دٻاءُ کان پوءِ حڪومت خرچن ۾ گهٽتائي ڪرڻ جي پلان تي پڻ ڪم شروع ڪري ڏنو آهي. ذريعن موجب نئين اين ايف سي ايوارڊ ۾ صوبن جي حصي ۾ گهٽتائي ڪرڻ لاءِ اين ايف سي  ڪميشن ۾ وسيلن جي ورڇ کي صوبن جي ڪارڪردگي سان مشروط ڪرڻ جي به تجويز تي غور ڪيو پيو وڃي. مطلب ته صوبن جو مالي حصو گهٽائڻ تي زور آهي.

اها به تاريخي طور تي  تلخ حقيقت  رهي آهي ته وفاقي حڪومت آئين تحت هر پنجن سالن ۾ نئون اين ايف سي ايوارڊ نه ڏئي سگهي آهي ۽ ايئن سڌي سنئين هر پينجين سال  آئين جي پئي ڀڃڪڙي ٿيندي رهي  آهي. گذريل 15 سالن کان ڪابه وفاقي حڪومت نئون اين ايف سي ايوارڊ ڏيڻ ۾ ناڪام رهي آهي. آخري اين ايف سي ايوارڊ پهرين جولاءِ 2010 کان لاڳو ڪيو ويو هو پر پوءِ اهو سلسلو وري بيهي ويو هو. پي ٽي آءِ جي حڪومت پڻ اين ايف سي ايوارڊ ڏيڻ لاءِ ڏهي ڪميشن ٺاهي هئي  پر اها به بنا نتيجي ختم ٿي وئي آهي. اين ايف سي ايوارڊ ڇا آهي؟ پاڪستان جي آئين جي آرٽيڪل 160 تحت هر پنجن سالن ۾ اين ايف سي ڪميشن ٺهندي آهي، جنهن ۾ وفاق ۽ صوبن جي وچ ۾ وسيلن جي ورڇ (ريوينيو، ٽيڪس، ڊيوٽيون) جو فارمولو طئي ڪيو ويندو آهي.

اهو ايوارڊ صوبن جي مالي خودمختياري ۽ بجيٽ تي سڌو اثر وجهندو آهي. وفاقي حڪومت ان ڪري به اين ايف سي ايوارڊ ڏيڻ کان لهرائيندي آهي  جو وفاق جي آمدنيءَ مان وڏو حصو صوبن کي ڏيڻو پوندو آهي خاص طور تي ستين اين ايف سي ايوارڊ کان پوءِ صوبن کي 57.5٪ ملي ٿو. وفاق چوندو آهي ته ان کان پوءِ پن وٽ پنهنجي خرچن لاءِ گهڻي گنجائش نٿي بچي.وري مٿان ننڍن ننڍن صوبن جون پنهنجون گهرجون هونديون آهن. مثال طور سنڌ جو مطالبو هوندو آهي ته وسيلن جي ورهاست صرف آبادي تي نه پر ريوينيو ڪليڪشن (جيڪو گهڻو سنڌ مان ٿيندو آهي) جي بنياد تي به ٿيڻ گهرجي.بلوچستان آباديءَ کان وڌيڪ علاقائي پسگردائي ۽ وسيلن جي کوٽ هي روشني ۾ پنهنجو حصو گهرندو آهي.

ڪي پي پنهنجي “دهشتگردي خلاف جنگ” جي قيمت ۽ فاٽا انضمام کانپوءِ وڌيڪ حصي جو مطالبو ڪري ٿو.جڏهن ته پنجاب آبادي جي بنياد تي سڀ کان وڏو حصو وٺندو آهي ۽ اهو فارمولو اڪثر ننڍن صوبن کي قبول نه هوندو آهي. بروقت اين ايف سي ايوارڊ لاڳو نه ٿيڻ جو ٻيو وڏو سبب اهو هوندو آهي ته وفاق ۽ صوبن ۾ اڪثر مختلف پارٽين جون حڪومتون هونديون آهن، جن جي وچ ۾ نظرياتي ۽ پارٽي اختلاف هوندا آهن. سياسي مفاهمت نه ٿيڻ ڪري ايوارڊ ڊگهي وقت تائين پينڊنگ ۾ رهندي رهندي رڪجي ويندو آهي. وري جڏهن ملڪ معاشي بحران ۾ هوندو آهي ته (جيئن IMF جون شرطون يا خسارو وڌڻ)، وفاق کي لڳندو آهي ته صوبن کي وڌيڪ حصو ڏيڻ سان اهو پاڻ نه هلندو، تنهنڪري به نئون فارمولو رڪجي ويندو آهي. پر اصل وڏو سبب ننڍن صوبن سان ٿيندڙ زيادتيون هونديون آهن گهڻو ڪري مالياتي حصي جو بنياد صرف آبادي تي رکيو ويندو آهي. ان سان پنجاب فائدو وٺندو آهي (ڇو ته اڌ کان وڌيڪ آبادي پنجاب ۾ آهي) جڏهن ته  ننڍا صوبا نقصان ۾ ويندا آهن.ننڍن صوبن  سان وسيلن  ۾ به استحصال ٿيندو آهي. مثال طور تيل، گئس ۽ ڪول جهڙا قدرتي وسيلا بلوچستان ۽ سنڌ مان نڪرندا آهن، پر سندن مالي فائدو گهڻو وفاق يا ٻين صوبن کي ملي ٿو. مقامي ماڻهن کي گهٽ حصو ملندو آهي. ادائيگين ۾ دير ۽ ڪٽوتي به اين ايف سي ايوارڊ کي تڪراري بڻائيندي آهي. وفاق گهڻو ڪري صوبن کي سندن حصو دير سان ڏئي ٿو يا ڪڏهن ڪڏهن گهٽ ڏئي ڇڏيندو آهي، جنهن سان صوبن جي ترقياتي بجيٽ متاثر ٿيندي آهي  ٻيو ته وڏا دفاعي ۽ انتظامي خرچ وفاق پاڻ تي رکي ڇڏيندو آهي ۽ صوبن کي انهن خرچن جو بار به ڀرڻو پوندو آهي،

قومي اسيمبلي ۾ پنجاب جي سيٽن جي اڪثريت سبب ننڍن صوبن جا مطالبا اڪثر دٻجي ويندا آهن جنهن ڪري  ننڍن صوبن ۾ احساس محرومي وڌندي آهي. وفاق ۽ صوبن جي وچ ۾ ڇڪتاڻ جنم وٺندي آهي، صوبائي خودمختياري ڪمزور ٿيندي آهي ۽ گڏيل قومي پاليسي ڏکي ٿي ويندي آهي تنهن ڪري اين ايف سي ورهاست ۾ آباديءَ سان گڏ ٻيا معيار به لازمي شامل ڪيا وڃن ريوينيو جنريشن، وسيلن جي پيداوار، غربت ۽ علائقائي پٺتي پيل هجڻ. وسيلن تي صوبن جو پهريون حق تسليم ڪيو وڃي.اين ايف سي ڪميشن کي باقاعدي ۽ وقت تي ايوارڊ ڏيڻ لاءِ آئين ۾ سخت پابندي ۽ ٽائيم فريم مقرر ڪيو وڃي.وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن ۾ اعتماد وڌائڻ لاءِ سياسي مفاهمت ۽ ڊائلاگ کي هٿي ڏني وڃي. ان سان ئي ممڪن آهي ته اين ايف سي ايوارڊ جو نظام بهتر نموني هلي سگهي.

آگسٽ 24, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو