”ايم ڪيو ايم وارا کنڀي ويا هئا“ تابش هاشمي جو انڪشاف

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اسٽينڊ اپ ڪاميڊين ۽ ٽي وي ميزبان تابش هاشمي چيو آهي ته هو ڪڏهن به متحده قومي موومينٽ (ايم ڪيو ايم) جو رڪن ناهي رهيو ، پر هو ان جماعت جي ڪارڪنن جي قبضي ۾ رهيو آهي.
تابش هاشمي نجي ٽي وي چئنل جي پوڊ ڪاسٽ ۾ شرڪت دوران ٻڌايو ته سندس مشهور شو ” هنسنا منع هي“لاءِ ڪيئي هفتا اڳ تياري شروع ٿيندي آهي، منظم طريقي سان اسڪرپٽ ۽ سوال تيار ڪيا ويندا آهن.
هن چيو ته سندس ٽيم ۾ چار ڄڻا شامل آهن، جيڪي مهمانن بابت ڄاڻ سان گڏ سوال ترتيب ڏيندا آهن.
معاوضي بابت ڳالهائيندي هن ٻڌايو ته ماضي ۾ جڏهن هو يوٽيوب تي ”ٽو بي آنيسٽ“ڪندو هو ته کيس 100 رپيا ملندا هئا، جڏهن ته هاڻي ٽي وي پروگرام لاءِ هڪ لک رپيا ملي ٿو.
ايم ڪيو ايم سان لاڳاپي بابت سوال تي هن وضاحت ڪئي ته اپريل 2008 ۾ ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن کيس اغوا ڪيو هو، ننڍڙي ڪار ۾ گهڻن ڪلاڪن تائين يرغمال بڻائي رکيو ۽ بندوق جي زور تي ڌمڪيون ڏنيون، پر پوءِ زندهه ڇڏي ڏنو.
هن چيو ته ان کان اڳ ساڳيا ماڻهو سندس پيءُ کي به کڻي ويا هئا ۽ کيس به ائين ڊيڄاريو ۽ ڌمڪايو ويو هو، جنهن تي کيس ڊگهي عرصي تائين سخت ڪاوڙ رهي ۽ پلاند وٺڻ جو ارادو ڪيو هو.
هن وڌيڪ چيو ته هاڻي هو سمجهي ٿو ته جيڪڏهن پلاند وٺندو ته پاڻ کي وري انهن جي سطح تي وٺي وڃڻو پوندو، تنهنڪري هاڻي هن کين معاف ڪري ڇڏيو آهي.