گڏاپ سٽي جي سوين ڳوٺن ۾ ڪيترن ڏينهن کان بجلي بند، رهواسين جو احتجاجي تحريڪ شروع ڪرڻ جو اعلان

Spread the love

ملير (ذوالفقار علي نصيراڻي ) گڏاپ سٽي ۾ ڪي اليڪٽرڪ جي آفيسرن طرفان ڪيترن ئي ڏينهن کان سوين ڳوٺن جي بجلي بند رکڻ سبب علائقي ۾ سخت بيچيني ۽ پريشاني پکڙجي  وئي آهي اطلاعن موجب يوسي گڏاپ، يوسي شاهه مريد، يوسي ڪنڪر ۽ درساڻو ڇنو سميت ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ بجلي مڪمل بند هجڻ ڪري علائقا اونڌاهي  ۾ ٻڏل آهي۔ بجلي نه هجڻ سبب مسجدن ۾ وضو لاءِ پاڻي دستياب ناهي، جڏهن ته ڳوٺاڻا پيئڻ لاءِ صاف پاڻي کان به محروم ٿي ويا آهن انهن متاثر ڳوٺن ۾ مريد جوکيو ڳوٺ،

حاجي جوکيو ڳوٺ، حسين بلوچ ڳوٺ، راهو گهرام جوکيو ڳوٺ، رستم ڪلمتي ڳوٺ، بهادر بلوچ ڳوٺ، حاجي سائين رکيو جوکيو ڳوٺ، غلام محمد جوکيو ڳوٺ، حاجي قادو جوکيو ڳوٺ، منگيو جوکيو ڳوٺ، پب ملير جوکيو ڳوٺ، الله بچايو واڍيلو ڳوٺ، حاجي فقير محمد واڍيلو ڳوٺ، گجن بلوچ ڳوٺ، راڌو جوکيو ڳوٺ، اميد علي گبول ڳوٺ، امير بخش گبول ڳوٺ، الّي گبول ڳوٺ، عابد اسحاق بلوچ ڳوٺ، عبدالله غفار واڍيلو بلوچ ڳوٺ، عابد بلوچ ڳوٺ، حاجي غفار گبول ڳوٺ ۽ مجيد جوکيو ڳوٺ سميت ڪيترائي ٻيا ڳوٺ شامل آهن ان سلسلي ۾  ڳوٺاڻن عابد اسحاق بلوچ، عبدالله غفار واڍيلو بلوچ، عابد بلوچ، حاجي غفار گبول، مجيد جوکيو ۽ ٻين رهواسن جو چوڻ هو ته اسان ڪيترن ڏينهن کان بجلي کان محروم آهيون، ٻارن جي تعليم، گهرن جا ڪم ۽ روزمرهه جي زندگي مڪمل طور متاثر ٿي وئي آهي،

پر ڪنهن به ذميوار کي اسان جي تڪليف جو احساس ناهي۔رهواسين وڌيڪ چيو بحريه ٽائون ۽ وڏن ماڻهن جي ڪارخانن کي بجلي بنا رڪاوٽ ڏني پئي وڃي، جڏهن ته اسان جهڙا غريب ڳوٺاڻا عذاب ۾ آهن۔ اهو کليل ناانصافي آهي سماجي اڳوڻن خبردارڪيو:جيڪڏهن ڳوٺاڻن جي بجلي فوري طور تي بحال نه ڪئي وئي ته اسان احتجاجي تحريڪ شروع ڪنداسين ۽ وڏا روڊ بند ڪنداسين۔ گڏاپ جي رهواسين سنڌ حڪومت ۽ لاڳاپيل ادارن کان مطالبو ڪيو آهي ته ڪي اليڪٽرڪ جي مبينا زيادتين جو نوٽيس وٺي، متاثر ڳوٺن ۾ فوري طور تي بجلي بحال ڪئي وڃي۔

آگسٽ 23, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو