ڦلجي اسٽيشن ۾ عورت جو شرابي مڙس خلاف احتجاج، طلاق جو مطالبو ۽ تحفظ لاءِ اپيل
ڦلجي اسٽيشن (رپورٽ:غلام حيدر پنھور) موالي شرابي مڙس جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي ، ٻن ٻارن جي ماء جو مڙس خلاف احتجاج طلاق جو مطالبو ، ڦلجي اسٽيشن شھر جي نوراني پاڙي جي رهواسڻ شادي شده عورت ٻن ٻارن جي ماء اقره زال وڪيل راجپوت پنهنجي مڙس جي ظلم خلاف ڀائرن ساجد علي راجپوت، عرفان راجپوت ۽ معصوم ٻارڙي سان گڏجي احتجاجي مظاهرو ڪيو، مڙس موالي شرابي آهي نشي جا پئسا نه ڏيڻ تي تشدد ڪري ٿو، مڙس کان طلاق گهرجي ، عورت جون صحافين اڳيان دانهون ، ان موقعي تي اقره راجپوت ٻڌايو ته چار سال اڳ نوشهرو فيروز واسي وڪيل راجپوت سان منهنجي شادي ٿي هئي ، مڙس شرابي موالي آهي ،
چارئي سال مڙس مونکي ماري سخت تشدد ڪندو رهيو، مڙس مونکي توڙي پنهنجي معصوم ٻارڙن کي رپيو به خرچ ڏيڻ لاء تيار نه آهي ، وڏي مشڪل سان مان سلائي مشين هلائي پورهيو ڪري ٻچڙن جو پيٽ گذ ڪندي آهيان ، مڙس خرچ ڏيڻ بدران سلائي جي پورهي جا پئسا مارڪٽ ڪري کڻي وڃي نشو واپرائيندو رهي ٿو ، ظالم مڙس اسانجون هيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي ،ڪيترائي ڀيرا مونکي مارڪٽ ڪري ڀائرن کان پئسا وٺي اچڻ لاء گهران ڪڍي ڇڏيو ۽ مان ڀائرن کان پئسا وٺي هن کي ڏيندي رهيس ته جيئن هو تشدد نه ڪري پر هي پوء به تشدد ڪندو رهيو ،
مان شادي جي ڪهھ سالن کانپوء ڪيترائي ڀيرا گهران نڪريڪاوڙ ۾ اچي پنهنجي گهر پهتس ته هي ڊراميباز برادري جي نيڪ مردن کي وٺي اچي ڀائرن کي راضي ڪري مونکي واپس وٺي ويو ويو پر تشدد ڪرڻ بند نه ڪيو،، گذريل چئن مهينن کان مان تنگ ٿي مڙس جو گهر ڇڏي ڀائرن وٽ ترسيل آهيان ، ڪجھ ڏينهن اڳ مڙس پسٽل کڻي اچي زبردستي منهنجي ٻارڙن کي اغواه ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، منهنجي دانهن تي پاڙي وارا پهتا ته هي کسڪي ويو ، مان هاڻ ڀائرن کي پاڪ ڪتاب جو واسطو ڏنو آهي ته مونکي هاڻ طلاق گهرجي ،
ڀائر اگر زبردستي مڙس جي گهر موڪليندا ته مان خودڪشي ڪري ڇڏيندس، مان شرابي مڙس کان طلاق وٺڻ لاء دادو جي ڪورٽ سڳوري جو در کڙکايو آهي، ڪورٽ ۾ وڃڻ کان پوء هي ويتر ڏمرجي منهنجي ڀائرن تي ميڊيا ذريعي ڌاڙي جا ڪوڙا الزام لڳائي رهيو آهي ،هن انساني حقوق جي تنظيمن جي اڳواڻن سميت وس وارن کان مطالبو ڪندي چيو ته شرابي مڙس مان مونکي ۽ منهنجي اولاد ۽ ڀائرن کي خطرو آهي هن خلاف سخت ڪاروائي ڪري هن مان منهنجي جند آجي ڪرائي ڏني وڃي ،
آگسٽ 23, 2025