ڄامشوري ۾ ڊپٽي ڪمشنر جي صدارت هيٺ 12 ربيع الاول عيد ميلادالنبي ﷺ جي انتظامن بابت اجلاس

Spread the love

ڄامشورو (رپورٽ: محمد وارث )ڊپٽي ڪمشنر ڄامشورو غضنفر علي قادري جي صدارت هيٺ ضلعي ۾ 12 ربيع الاول جشن عيد ميلادالنبي ﷺ وڏي عقيدت ۽ احترام سان ملهائڻ جي سلسلي ۾ انتظامن جو جائزو وٺڻ لاءِ هڪ اجلاس ڊي سي آفيس جي درٻار هال ۾ ٿي گذريو* اجلاس کي خطاب ڪندي ڊپٽي ڪمشنر ڄامشورو غضنفر علي قادري چيو ته حضرت محمد ﷺ خاتم النبين پوري دنيا لاءِ رحمت العالمين آهن انھي لاءِ اسان سڀني جو فرض آهي ته جشن عيدميلادالنبيﷺ وڏي عقيدت ،احترام ۽ شان ۽ شوڪت سان ملهايون ڊپٽي ڪمشنر سمورن تعلقن جي اسسٽنٽ ڪمشنرن کي هدايت ڪندي چيو ته جشن عيد ميلادالنبيﷺجي انتظامن جي سلسلي ۾ تعلقي سطح تي  مقامي مذهبي اڳواڻن سان اجلاس منعقد ڪري انتظامن کي يقيني بڻايو وڃي

هن کين اھا پڻ هدايت ڪئي ته ميلاد جي سلسلي ۾ منعقد ٿيندڙ جلوسن جي رستن تي ايندڙ حددخلين کي ختم ڪرايو وڃي ڊپٽي ڪمشنر مذهبي اڳواڻن کي يقين ڏياريو ته ضلع انتظاميه طرفان جشن عيد ميلادالنبيﷺجي سلسلي ۾ هرممڪن تعاون ڪندي وڌيڪ بهتر انتظام ڪيا ويندا ۽ ضلع سطح تي ڪنٽرول روم قائم ڪرڻ سان گڏوگڏ چراغان، مانيٽرنگ ڪميٽين کي پڻ فعال بڻايو ويندو ڊپٽي ڪمشنر تعليم کاتي جي آفيسرن کي هدايت ڪئي ته سرڪاري ۽ نجي تعليمي ادارن ۾ جشن عيد ميلادالنبي صه جي سلسلي ۾ سيرت النبي ڪانفرنس منقعد ڪندي شاگردن وچ ۾ قرات ۽ نعتيه مقابلا ڪرايا وڃن ڊپٽي ڪمشنر حيسڪو عملدارن کي هدايت ڪئي ته جشن عيد ميلادالنبي صه جي موقعي تي رات جي وقت منعقد ٿيندڙن پروگرامن دوران بجلي جي لوڊشيڊنگ ھرگز نه ڪئي وڃي

هن ٽريفڪ پوليس کي هدايت ڪئي ته 12 ربيع الاول جي موقعي تي جلوس جي روٽن تي ٽريفڪ جي رواني لاءِ پلان جوڙيو وڃي ڊپٽي ڪمشنر ميونسپل ۽ ٽائون ڪميٽي جي عملدارن کي هدايت ڪئي ته جلوسن جي روٽن ۽ سمورين مسجدن جي اڳيان صفائي کي يقيني بڻايو وڃي ڊپٽي ڪمشنر صحت کاتي جي عملدارن  کي ھدايت ڪئي تہ جشن عيد ميلادالنبي صه جي موقعي تي ڪنھن بہ ايمرجنسي کي منھن ڏيڻ لاءِ مرڪزي جلوسن جي گذرگاھن تي ايمبولينس سروس ۽ عملي کي الرٽ رکيو وڃي،

اجلاس کي خطاب ڪندي ايس ايس پي ڄامشورو ظفر صديق ڇانگا چيو ته پوليس پاران 12 ربيع الاول جي حوالي سان سيڪيورٽي جا پوري ضلعي ۾ بھتر انتظام ڪيا ويندا ھن وڌيڪ چيو ته ضلعي ۾ امن امان جي فضا کي برقرار رکڻ لاءِ سمورا عالم سڳورا ۽ شهري پوليس سان تعاون ڪن تہ جئين سيڪيورٽي جا وڌيڪ بھتر انتظام ڪري سگهجن،

اجلاس ۾ اھل سنت جماعت سميت ٻين عالم سڳورن ۽ مذهبي اڳواڻن جشن عيد ميلادالنبيﷺ کي ڀرپور نموني سان ملهائڻ لاءِ مشورا ڏنا ۽ بجلي جي لوڊشيڊنگ، صفائي سٿرائي، روشني سميت ٻيا مسئلا پيش ڪيا، اجلاس ۾ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون نورالدين ھنگورجو، سميت سمورن تعلقن جي اسسٽنٽ ڪمشنرن، تعليم، صحت، ميونسپل ٽائون آفيسرن، ميلاد ڪاميٽي جي ميمبرن، مذهبي تنظيمن جي نمائندن، پبلڪ ھيلٿ، پوليس،لوڪل گورنمينٽ، حيسڪو ۽ ٻين لاڳاپيل کاتن جي آفيسرن شرڪت ڪئي.

آگسٽ 23, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو