ٺٽو ۾ چليا اسڪول تي منشيات فروش بهادر شوري جو حملو، استادن ۽ ٻارن تي تشدد خلاف ڌرڻو، روڊ بلاڪ
ٺٽو (رپورٽ: نظير احمد قريشي) سنڌ ايجو ڪيشن فائونڊيشن جي استادن تي منشيات فروش موالي ۽ اُن جي ساٿين جو حملو ۽ ٻارڙن جو قومي شاهرا چليا وٽ ڌرڻو روڊ بلاڪ۔ تفصيل موجب چليا ۾ سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن اسڪول هڪ ڀيرو ٻيهر چليا جي بدمعاش بهادر شوري اُن جي ساٿين يرغمال بنائي ڇڏيو ، خبر موجب بهادر شوري ۽ سندس ساٿين طرفان 8 استادن ۽ 500 ٻارن تي حملو ڪيو ويو۔
پوليس جي دعوائن باوجود جوابدارن کي اڃا تائين گرفتار نه ڪيو ويو آهي، جڏهن ته استادن کي لڳاتار ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن۔ علائقي واسين سخت احتجاج ڪندي چيو آهي ته جيڪڏهن بدمعاشن کي فوري طور گرفتار نه ڪيو ويو ۽ اسڪول جي ٻارن يا استادن کي ڪنهن به قسم جو نقصان پهتو ته ان جي ذميوار حد جي پوليس هوندي۔ ياد رهي ته بهادر شوري اڳ ۾ به ساڳئي اسڪول جي استادياڻين تي حملو ڪيو هو،
جنهن بعد ڪينجهر پوليس کيس گرفتار ڪري ايف آءِ آر درج ڪري ڪيس عدالت ۾ چالان ڪيو ۽ جيل موڪليو هو، پر تازو ضمانت تي آزاد ٿيڻ بعد هڪ ڀيرو ٻيهر ساڳئي اسڪول تي حملو ڪيو۔ مقامي شهرين ۽ والدين مطالبو ڪيو آهي ته انتظاميا فوري نوٽيس وٺي بدمعاشن کي گرفتار ڪري تعليمي ادارن کي تحفظ ڏياري۔
آگسٽ 23, 2025