ٺٽو ۾ نامور شاعر وفا وزير ٿهيم جي والده جي لاڏاڻي تي سياسي، سماجي ۽ ادبي شخصيتن جي شرڪت

Spread the love

ٺٽو (رپورٽ: نظير احمد قريشي) نامور شاعر وفا وزير ٿهيم جي والده لاڏاڻو ڪري وئي، جنازي نماز ۾ سياسي، سماجي، ادبي شخصيتن جي شرڪت سنڌ جي معروف شاعر وفا وزير ٿهيم جي والده صاحبہ ٿهيم ڳوٺ ۾ لاڏاڻو ڪري وئي۔ مرحومہ جي جنازي نماز ۾ وڏي انگ ۾ سياسي، سماجي، ادبي، صحافتي ۽ مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ شخصيتن شرڪت ڪئي۔ ان موقعي تي ايوان صحافت ٺٽو جي صدر اڪبر دلواڻي،

انفارميشن سيڪريٽري لالا شعيب پٺاڻ، نامياري صحافي ايوب درس، سينيئر صحافي محمد اسماعيل پليجو، نيشنل پريس ڪلب گھارو جي نائب صدر وڏيرو فيض محمد ٿهيم، خدا بخش بڪڪ، ڪامريڊ امير ٿهيم سميت ڪيترن ئي معززن، شاعرن، اديبن ۽ سماجي ڪارڪنن شرڪت ڪئي۔ مرحومہ جي لاڏاڻي تي وفا وزير ٿهيم سان تعزيت جو سلسلو جاري آهي، جڏهن ته مختلف حلقن پاران ڏک جو اظهار ڪندي مرحومہ لاءِ مغفرت ۽ لواحقين لاءِ صبر جي دعا ڪئي وئي آهي۔

آگسٽ 23, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو