نوابشاھ ۾ الخدمت فائونڊيشن طرفان ذهني صحت لاءِ فري ميڊيڪل ڪيمپ، 70 کان وڌيڪ مريضن جو علاج ۽ فري دوائون فراهم

نواب شاھ ( رپورٽ: عبدالفتاح رند) الخدمت فائونڊيشن نوابشاھ جي ميڊيڪل سينٽر تي ذهني صحت جي حوالي سان فري ميڊيڪل ڪيمپ جو انعقاد ڪيو ويو، جنهن ۾ 70 کان وڌيڪ ذهني بيمارين ۾ مبتلا مريضن جو ڪنسلٽنٽ سائيڪائٽرڪ ڊاڪٽر موتي رام معائنو ڪيو، مريضن جي مرض مطابق ڪائونسلنگ ڪئي ۽ بعد ۾ فارميئو ڪمپني طرفان فري دوائون فراهم ڪيون ويون۔ ڪيمپ جو دورو جنرل سيڪريٽري جماعت اسلامي ضلعي شهيد بينظير آباد جناب فيصل همایون ۽ صدر الخدمت فائونڊيشن ضلعي شهيد بينظير آباد طرفان ڪيو ويو۔
جماعت اسلامي جي اڳواڻ فيصل همایون ڪيمپ کي منظم ۽ سمورين سهولتن سان آراسته ڪرڻ تي الخدمت جي رضاکارن جي ساراهه ڪئي ۽ چيو ته الخدمت هيلٿ طرفان ذهني بيمارين لاءِ ميڊيڪل ڪيمپ هن مهانگائي جي دور ۾ هڪ نعمت کان گهٽ ناهي۔ الخدمت نه صرف پاڪستان پر پوري دنيا ۾ خير جي ڪم ۾ نمايان حيثيت رکي ٿي، الخدمت واقعي دکين انسانن جي خدمت ڪري رهي آهي۔ مريضن جو ميڊيڪل ڪيمپ ذريعي مستفيد ٿيڻ قابلِ ذڪر آهي۔ صدر الخدمت ڊاڪٽر موتي رام، فارميئو فارماسوٽيڪل ڪمپني ۽ والينٽئرز جو ٿورائتو ٿيو ۽ چيو ته انهن جي ٽيم ورڪ جي بدولت ئي ايترو بهترين ڪيمپ جو انعقاد ممڪن ٿيو۔
ھن موقعي تي مريضن چيو ته هن مهانگائي جي دور ۾، جڏهن ٻه وقت جو چُلهو ٻارڻ به مشڪل ٿي ويو آهي، الخدمت فائونڊيشن ۽ جماعت اسلامي اهڙا فري ميڊيڪل ڪيمپ ڪري اسان جهڙن متوسط ۽ غريب ماڻهن لاءِ وڏو رليف فراهم ڪن ٿا، جنهن تي اسين انهن جا شڪر گذار آهيون۔
آگسٽ 23, 2025