فيلڊ مارشل ۽ سهيل وڙائچ جي ملاقات ۽ ”معافي“ وارو معاملو
ڏٺو وڃي ته دربارِ سرڪار جا پيغام پکيڙيندڙ، جڏهن سندن ڪم پورو ٿي وڃي ٿو، تڏهن سندن لاءِ سٺي سلوڪ جي اميد رکڻ ئي بيڪار آهي. پر ڪجهه ڏينهن اڳ عمران خان جي مبينه معافي بابت ڦهلجندڙ هڪ خبر جي ترديد کان پوءِ جيڪا مضحڪ خيز صورتحال پيدا ٿي آهي، اها وڌيڪ سوالن کي جنم ڏئي ٿي. اهڙي موقعي تي پيغام رساڻ واري صحافيءَ کان پڇڻ بدران فوج جي ترجمان لاءِ وڌيڪ مناسب اهو هو ته هو صرف ترديد نه پر مڪمل وضاحت پيش ڪري ها.
سھيل وڙائچ هڪ ذميوار صحافي طور سڃاتو وڃي ٿو. هو هڪ قومي روزاني ۾ ايڊيٽر آهي، سندس ڪالم ڌيان سان پڙهيا وڃن ٿا. نڪته دان چون ٿا ته انهن ۾ اڻچٽيل سٽون به گهڻو ڪجهه ٻڌائي وينديون آهن، جيڪي عام پڙهندڙ جي سمجهه کان ٻاهر ٿينديون آهن. اهڙي شخص کي کليءَ عام ’ڪوڙو‘ چوڻ سان فوج جو ترجمان ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف رڳو “سڀ ٺيڪ آهي” چوندي اڳتي وڌي نه ٿو سگهي. کيس لازمي طور تي وضاحت ڪرڻي پوندي ته ڇا واقعي برسلز ۾ فيلڊ مارشل عاصم منير جي سهيل وڙائچ سان ملاقات ٿي هئي يا نه؟ ۽ جيڪڏهن اها ملاقات ٿي هئي ته ڇا سياسي ڳالهيون به هيون؟ جيڪڏهن ڳالهيون ٿيون ته ڇا صحافيءَ کي واضح چيو ويو ته اها ’آف دي رڪارڊ‘ ڳالهه آهي؟ ۽ جيڪڏهن سڀ احتياط ڪرڻ باوجود صحافيءَ واعدي جي ڀڃڪڙي ڪئي، ته پوءِ ڪنهن تقريب ۾ صحافين سان ڳالهائڻ جو انتظار ڇو ڪيو ويو؟
اصل ۾ ٿيڻ ته اهو گهرجي ها ته 16 آگسٽ تي ڪالم ڇپجڻ سان گڏ ئي آءِ ايس پي آر وضاحت جاري ڪري ها، جيئن خبر کي درست ڪري سگهجي ها. اهو به ممڪن آهي ته “سياسي مفاهمت لاءِ صميم دل سان معافي” واري ڳالهه صرف خانگي گفتگو جو حصو هجي، فوجي قيادت جو سرڪاري موقف نه. پر جڏهن اها ڳالهه خبر بڻجي سڄي ملڪ ۾ بحث هيٺ اچي وڃي، تڏهن رڳو اهو چوڻ ته “آرمي چيف ڪنهن کي انٽرويو نه ڏنو ۽ معافيءَ جو ڪو ذڪر نه ڪيو” ڪافي نه ٿو ٿي سگهي.
سڀ کان اڳ ته اهو طئي ٿيڻ گهرجي ته ڇا واقعي سهيل وڙائچ ۽ فيلڊ مارشل جي وچ ۾ ملاقات ٿي هئي يا نه؟ آءِ ايس پي آر جي ترديد سان هڪ سينئر صحافيءَ جي ڪردار ڪشي ٿي آهي. جيڪڏهن ترجمان جو بيان درست آهي ته پوءِ اهڙي “غيرذميوار صحافي” کي ڪنهن به ميڊيا هائوس ۾ ڪم نه ملڻ گهرجي. پر سوال اهو آهي ته حڪومت ۽ فوج وٽ پيڪا جهڙا قانون موجود آهن، پوءِ ڪنهن صحافيءَ کي سڌو سنئون عدالت ۾ پيش ڇو نه ڪيو ويو؟ جيڪڏهن ڪوڙ ثابت ٿئي ها ته عدالت ئي سزا ڏئي ها. پر فوج ان رستي کان پاسو ڪيو.
اسلام آباد جي هڪ تقريب ۾ آءِ ايس پي آر جي سربراهه چيو: “فيلڊ مارشل عاصم منير ڪنهن کان معافي وٺڻ جو نه چيو ۽ نه ئي ڪنهن کي معافي ملندي.” جڏهن ته سهيل وڙائچ پنهنجي ڪالم ۾ انڪشاف ڪيو هو ته برسلز ۾ ملاقات دوران آرمي چيف چيو ته “مفاهمت صرف دل جي گهراين سان معافي تي ئي ممڪن آهي.” جيتوڻيڪ ڪالم ۾ عمران خان جو نالو نه هو، پر ظاهر آهي ته اشارو ساڻس هو. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته آرمي چيف ڪنهن به وقت برسلز ۾ سياسي بيان نه ڏنو، نه ئي ڪنهن معافيءَ جو ذڪر ڪيو. ان وضاحت ۾ اهو به چيو ويو ته آرمي چيف ڪنهن به مرحلي تي تحريڪ انصاف بابت ڳالهه نه ڪئي. پر ساڳئي وقت “9 مئي فوج جو نه پر قوم جو ڪيس آهي” واري ڳالهه به ورجائي وئي. يقيناً 9 مئي قومي سلامتيءَ تي حملو هو، پر ڇا ان واقعي جي نالي تي ڪنهن پوري سياسي جماعت ۽ ان جي اڳواڻن کي جيلن ۾ وجهڻ عوامي همدرديءَ خلاف سازش نه آهي؟
ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف جي وضاحت سهيل وڙائچ جي خبرن کي غلط ثابت ڪرڻ جي ڪوشش لڳي ٿي، پر اها ڪامياب نه ٿي. ان سان فوجي قيادت بابت وڌيڪ سوال اڀري آيا آهن. سڀ کان اهم سوال اهو آهي ته ڇا 9 مئي کي جواز بڻائي عمران خان ۽ پي ٽي آءِ کان سندن بنيادي شهري ۽ سياسي حق کسي رهيا آهن؟ ٻيو ته جيڪڏهن معاملو عدالتن حوالي آهي، ته پوءِ ترجمان کي بار بار وضاحت ڪرڻ جي ڇا ضرورت آهي؟ ملڪ ۾ قانون موجود آهي، جنهن موجب ڪو به ماڻهو عدالت جي فيصلي کان اڳ ڏوهاري نه ٿو قرار ڏئي سگهجي. ان کان سواءِ، جيڪڏهن برسلز ۾ صحافيءَ سان ملاقات نه ٿي هئي، تڏهن به اهو سوال باقي ٿو رهي ته جلسي ۾ آرمي چيف جڏهن قرآن پاڪ ۾ آدم ۽ ابليس واري واقعو ٻڌايو ته ان جو مطلب ڇا هو؟ ڇا اهو به معافيءَ واري تاثر ڏيڻ جي ڪوشش نه هئي؟ جيڪڏهن اها ڳالهه به غلط آهي، ته پوءِ جلسي ۾ ڏنل تقرير جي ترديد ڇو نه ڪئي وئي؟
سهيل وڙائچ جي ڪالم ۾ رڳو معافيءَ جو ذڪر نه هو، پر حڪومت جي تبديليءَ بابت افواهن جي به وضاحت هئي، جنهن کي آرمي چيف ڪوڙ قرار ڏنو هو. ساڳئي وقت وزيراعظم جي ساراهه به ڪئي وئي هئي. جيڪڏهن اهو حصو صحيح آهي، ته پوءِ فوج کي اهو حصو قبول آهي ۽ رڳو معافيءَ واري حصي کي رد ڇو ٿو ڪيو وڃي؟ سوال اهو به آهي ته ڇا فوجي سربراهه لاءِ سياست، معيشت ۽ پرڏيهي پاليسيءَ تي تفصيلي تبصرو ڪرڻ آئيني طور جائز آهي؟ جيڪڏهن اهو سڀ ڪجهه جائز آهي، ته پوءِ آءِ ايس پي آر جو اهو چوڻ ته “فوج جو سياست سان ڪو تعلق نه آهي” ڪيئن درست ٿي سگهي ٿو؟مختصر اهو ته صورتحال بلڪل سادي نه آهي. فوج جي وضاحت ان کي وڌيڪ ڳنڀير بڻائي ڇڏيو آهي. ملڪ ۾ اڳ ئي اعتماد ۽ ڀروسو گهٽجي ويو آهي، اهڙي وقت ۾ صحافين کي به ۽ فوجي قيادت کي به سوچ سمجهي ڳالهائڻ گهرجي. جيڪڏهن صحافين سان ملبو ته پوءِ اهو به نه ٿو چئي سگهجي ته ڳالهه اڳتي نه وڌي. بهتر آهي ته يا ته اهڙيون ملاقاتون ئي بند ڪيون وڃن يا ترديد جو طريقو مڪمل طور بدلجي. ٻي صورت ۾ نه رڳو استحڪام پر اعتماد جو خواب به خواب ئي رهندو.
مختصر اهو ته صورتحال بلڪل سادي نه آهي. آءِ ايس پي آر جي وضاحت ان کي وڌيڪ ڳنڀير بڻائي ڇڏيو آهي. ملڪ ۾ اڳ ئي اعتماد ۽ ڀروسو گهٽجي ويو آهي، اهڙي وقت ۾ صحافين کي به ۽ فوجي قيادت کي به سوچ سمجهي ڳالهائڻ گهرجي. جيڪڏهن صحافين سان ملبو ته پوءِ اهو به نه ٿو چئي سگهجي ته ڳالهه اڳتي نه وڌي. بهتر آهي ته يا ته اهڙيون ملاقاتون ئي بند ڪيون وڃن يا ترديد جو طريقو مڪمل طور بدلجي. ٻي صورت ۾ نه رڳو استحڪام پر اعتماد جو خواب به خواب ئي رهندو.
آگسٽ 23, 2025