عورت جيڏي ڍَڪيل هوندي ايڏي ئي سُهڻي لڳندي: سلمان خان

Spread the love

ممبئي (ويب ڊيسڪ) سلمان خان جي حوالي سان مشهور آهي ته هو ان ڳالهه کي ترجيح ڏيندو آهي ته ان سان گڏ سيٽ تي ڪم ڪندڙ عورتون مناسب لباس پائين.
توڙي جو بالي ووڊ جي دبنگ اداڪار جي فلمن ۾ اڪثر آئٽم نمبر هوندا آهن پر ان باوجود سندس اصرار هوندو آهي ته عورتون مختصر لباس پائڻ کان پاسو ڪن.
اداڪارا ڊيزي شاهه جنهن فلم ”جي هو“ ڊيبيو ڪو هو، هڪ انٽرويو ۾ ٻڌايو ته سلمان خان ڪيئن سيٽ تي عورتن لاءِ ”محفوظ ماحول“ برقرار رکندو آهي.
ڊيزي شاهه چيو ته سپر اسٽار کي اهو پسند ناهي ته عورتن کي شو پيس طور ڏيکاريو وڃي، سندس خيال ۾ ڇوڪري جيتري ڍَڪيل هوندي ايتري وڌيڪ سهڻي لڳندي.
سلمان خان سان پنهنجي پهرين فلم ”جي هو“ جي شوٽنگ دوران هڪ واقعي جو ذڪر ڪندي ڊيزي شاهه چيو ته اهو صبح جو هڪ سين آهي، جنهن ۾ مان ننڊ مان اٿندي آهيان پر سلمان خان کي منهنجو لباس ٿورو عجيب لڳو، سلمان خان چيو ته هڪ کي ڪمبل ويڙهيو، پوءِ مان ڪمبل ويڙهي اخبار کڻندي آهيان، اهو ڪمبل ويڙهڻ جو خيال سلمان خان جو هو، سندس حساب سان منهنجا ڪپڙا ڪجهه گهڻا ئي ننڍا هئا.

آگسٽ 23, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو