گڏاپ ٽائون ۾ برساتي متاثر رستن جي بحالي لاءِ ٽائون چيئرمين ۽ عملو سرگرم، نيڪاسي آب جا ڪم تيزي سان جاري

Spread the love

ملير (ڊر ) ٽائون ميونسپل ڪارپوريشن گڏاپ جي چيئرمين طارق عزيز بلوچ، وائس چيئرمين جام محمد جوکيو، ميونسپل ڪمشنر احمد يار برسات جي ٽئين ڏينهن به گڏاپ ٽائون جي مختلف علائقن جو دورو ڪيو. هنن سان گڏ ڪائونسل ميمبر محمد رفيق جوکيو پڻ موجود هو. حاليه برساتن سبب ٿڍو ڊيم گڏاپ ٽائون ويندڙ رستو متاثر ٿيو آهي، جنهن ڪري علائقائي ماڻهن کي اچڻ وڃڻ ۾ سخت تڪليفن کي منهن ڏيڻو پيو.

چيئرمين طارق عزيز بلوچ موقعي تي ئي ريسڪيو ۽ مرمتي ڪم شروع ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته متاثر رستن جي بحالي اسان جي پهرين ترجيح آهي ته جيئن ماڻهن کي فوري رليف مهيا ڪري سگهجي. چيئرمين طارق عزيز بلوچ وڌيڪ چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي هدايت مطابق گڏاپ ٽائون جي عوام کي هرگز اڪيلي نه ڇڏيو ويندو. ٽائون ميمبرن جي باهمي صلاح مشوري سان مسئلن جي حل لاءِ ڀرپور قدم کنيا پيا وڃن ۽ گڏاپ ٽائون جي سڄي مشينري ميدان ۾ ڪم ڪري رهي آهي.

وائس چيئرمين جام محمد جوکيو چيو ته عوام کي سهولتن جي فراهمي لاءِ ڪوشان آهيون، برساتن سبب متاثر علائقن ۾ نيڪاسي آب ۽ مرمتي ڪم تيزيءَ سان جاري آهن ته جيئن گڏاپ ٽائون جي عوام کي وڌيڪ مشڪلاتن کي منهن نه ڏيڻو پوي. ميونسپل ڪمشنر احمد يار ان موقعي تي چيو ته انتظاميه مڪمل ڪوشش ڪري رهي آهي ته نيڪاسي آب ۽ رستن جي بحالي جلدي مڪمل ڪئي وڃي.

هن مقصد لاءِ لاڳاپيل کاتن کي هدايتون جاري ڪيون ويون آهن ۽ عوام کي درپيش مسئلن جي حل لاءِ عملي قدم کنيا پيا وڃن. ان موقعي تي چيئرمين يو سي شاهه مُريد شاهجهان خاصخيلي، اڳوڻو چيئرمين يو سي گڏاپ فريد احمد جوکيو، علائقائي معززین علي حسن جوکيو ۽ لاڳاپيل آفيسر پڻ موجود هئا۔

آگسٽ 22, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو