پيارو اسٽيشن ۾ نوجوان تي حملو: چانڊيا برادري جو احتجاج، پوليس تي جانبداري ۽ جوابدارن کي بچائڻ جا الزام

Spread the love

ڦلجي اسٽيشن (رپورٽ:غلام حيدر پنھور) پيارو اسٽيشن ۾ نوجوان تي حملو ڪندڙ جوابدارن جي گرفتار لاء پوليس پوسٽ  اڳيان  چانڊيا برادري جي ماڻھن جو احتجاجي مظاهرو ،  مظاهرين پاران پوليس خلاف سخت نعريبازي ڪندي حملو ڪندڙ جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو، ان موقعي تي مظاهرين شاھد حسين چانڊيو، عباس چانڊيو، نصير چانڊيو، علي خان چانڊيو، آڪاش چانڊيو ۽ ٻين چيو ته اسانجو مائٽ  پوليس اهلڪار طالب چانڊيو ٻي شادي ڪئي آهي جڏهن کان وٺي هن ٻي شادي ڪئي آهي ته پنهنجي اولاد،

سوئٽن ۽ مائٽن مٿان ڏمرجي پيو آهي، هن ساهرن جي چوڻ تي هن اسانجو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي،  هي اسانجي جڳھين ،ملڪيتن تي قبضو ڪرڻ لاء اسان مٿان هٿياربند ماڻھون ساڻ ڪري حملا ڪري رهيو آهي  ، ڪجھ مهينا اڳ هي هٿيار بند ساڻ ڪري ڏينهن ڏٺي جو پيارو اسٽيشن شهر ۾  اساجي گهرن مٿان حملو ڪيو اسين گهرن ۾ موجود نه هئاسين هن اسانجي هڪ عورت ريمان زال شاھد چانڊيو کي سڌيون گوليون هڻي مرڻينگ ڪري ڇڏيو، عورت ۽ ٻارڙن جي دانهن تي پاڙي وارا پهتا ته هي سرعام هٿيارن جي نمائش ڪندي فرار ٿي ويا ، اطلاع ملڻ کانپڳء اسان پهتاسين ۽ حملو ڪندڙ جوابدارن تي ڪيس داخل ڪرائڻ لاء ٿاڻي تي وياسين ته پوليس جوابدارن کان ڳري رشوت وٺي پنهنجي پٽي ڀائي خلاف ڪيس داخل ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ،

اسان ڪيس داخل ڪرائڻ لاء ڪورٽ سڳوري جو در کڙڪايو ، ڪورٽ سڳوري جي حڪم  کانپوء رڪڻ ٿاڻي تي پوليس اهلڪار طالب چانڊيو سميت ٻين جوابدارن مٿان گهر تي حملو ڪري عورت کي زخمي ڪرڻ جو ڪيس داخل ڪيو ويو ، هاڻي طالب چانڊيو پوليس جي مدد سان ڪيس تان هٿ کڻائڻ لاء مختلف لوفرن کان ڳرا نتيجا ڀوڳڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي ، اسان انجام جي پرواه نه ڪندي ڪيس تان هٿ کڻڻ کان صاف صاف انڪار ڪيو ته ٽي ڏينهن اڳ پوليس اهلڪار طالب چانڊيو ڏينهن ڏٺي جو موٽر سائيڪلن تي ڇھ ھٿياربند ساڻ ڪري اسانجي نوجوان شاهد چانڊيو کي پوليس پوسٽ پيارو اسٽيشن  سامهون سرعام  حملو ڪري هٿيارن جا ڪنداق هڻي  سخت تشدد ڪيو ، پسٽل جو فائر ڪري مارڻ جي ڪوشش ڪئي پر پسٽل جي گولي نه ڇٽي ۽ اسانجو نوجوان بچي ويو، نوجوان جي دانهن تي پاڙي وارا پهچي ويا ،

پاڙي وارن  جي مداخلت کانپوء سمورا جوابدار سرعام هٿيارن سان موٽر سائيڪلن تي چڙي پوليس پوسٽ اڳيان گذري فرار ٿي ويا ، اسان  زخمي نوجوان کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ ٿاڻي تي آندو ۽ ليٽر وٺي علاج لاء اسپتال پهچايو ، جنهن کانپوء اسين نوجوان تي حملو ڪندڙ جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪرائڻ لاء رڪڻ ٿاڻي تي پهتاسين جتي ايس،ايڇ،او اصغر شاه جوابدارن مٿان ڪيس  داخل ڪرڻ بدران اسانکي ويھاري ڇڏيو ۽ ڪيترن ڪلاڪن کانپوء اسانکي راڄوڪي ڪرائڻ جو چئي  ڌمڪيون ڏنيون ته اگر راڄوڻي نه ڪرائيندئو ته ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائي توهان کي گم ڪري ڇڏيندس اسان راڄوڻي ڪرڻ کان انڪار ڪيو ۽ قانوني رستو وٺڻ جو چيو هن وڌيڪ ڌمڪيون ڏئي اسانکي آزاد ڪري ڇڏيو ، انڌير نگري آهي

پيارو شھر ۾  پوليس پوسٽ اڳيان سرعام هٿيار بند موٽر سائيڪلن تي چڙهي اچي اسانکي مارڻ جي ڪوشش ڪن ٿا پر پوليس تحفظ ڏيڻ بدران اکيون بند ڪري جوابدارن کي ڇوٽ ڏئي ويٺي آهي ، پوليس جوابدارن خلاف ڪاروائي ڪرڻ بدران اسان کي ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهي آهي  ، هنن ايس،ايس،پي ، دادو سميت وس وارن کان گهرڪندي چيو آهي ته بااثر جي ونگارو ايس،ايڇ،او رڪڻ اصغر شاه کي هٽائي ڪو  ايماندار ايس،ايڇ،او مقرر ڪري اسانجي  نوجوان تي حملو ڪندڙ جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪري کين قانون جي ڪٽھڙي ۾ آندو وڃي ،

آگسٽ 22, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو