پاڪستان ۽ بنگلاديش وچ ۾ ويزا فري سفر جو معاهدو طئي ٿي ويو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۽ بنگلاديش هڪ اهم معاهدي تحت پنهنجي سفيرن ۽ سرڪاري اهلڪارن لاءِ بنا ويزا داخلا جي اجازت ڏئي ڇڏي.
معاهدي موجب، بنگلاديش جا سفير ۽ سرڪاري پاسپورٽ رکندڙ ماڻهو هاڻ ويزا کانسوا پاڪستان اچي سگهندا، جڏهن ته پاڪستاني سفارتي ۽ سرڪاري پاسپورٽ هولڊرز کي به اها ئي سهولت بنگلاديش ۾ حاصل هوندي.
اِهو معاهدو تَيج گانوي ۾ چيف ايڊوائيزر جي آفيس ۾ ايڊوائزري ڪائونسل ڪميٽي طرفان پاليسي ۽ حتمي منظوري ملڻ بعد طئي ٿيو.
بنگلاديش اِهو معاهدو پاڪستان سان پنجن سالن لاءِ ڪيو آهي.
ان کان اڳ بنگلاديش اهڙا معاهدا 30 ملڪن سان ڪري چڪو آهي، جڏهن ته پاڪستان سان معاهدي کانپوءِ اِهو انگ 31 ٿي ويو آهي.
پاڪستاني حڪومت به معاهدي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.