ٺٽو پوليس جي ڪامياب ڪارروائي: روڊ ڦر ۽ ڌاڙن ۾ ملوث ٻه جوابدار گرفتار، هٿيار ۽ موٽر سائيڪل برآمد

Spread the love

ٺٽو(رپورٽ: نظير احمد قريشي)  ٺٽو پوليس جي ڪامياب ڪارروائي  ٺٽو پوليس روڊ ڦر، ڌاڙي ۽ موٽر سائيڪل چوري جي واقعن ۾ 2 مکيه جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو  ڏوهن ۾ استعمال ٿيل پستول ۽ موٽر سائيڪل هٿ، ڪيس داخل ايس ايس پي ٺٽو فاروق احمد بجاراڻي جي حڪم تي،

ايس ايڇ او ٺٽو پوليس اسٽيشن انسپيڪٽر ماجد علي ڪورائي پنهنجي عملي سان گڏ گشت دوران اطلاع ملڻ تي عيدگاهه سام نالي پهتو. پوليس ۽ جوابدارن جي وچ ۾ فائرنگ جو تبادلو ٿيو. پوليس پارٽي جوابي حملي دوران هوائي فائرنگ ڪئي ۽ حڪمت عملي طور تي ڪارروائي ڪندي 2 جوابدارن ساحل پٽ محمد امين منڇري ۽ احسان پٽ فيض محمد هالائي کي گرفتار ڪري ورتو.

جڏهن ته 1 جوابدار عرفان پٽ دوست محمد عرف دوسو شورو فرار ٿي ويو. شروعاتي جاچ ۾ جوابدارن جي قبضي مان ڏوهن ۾ استعمال ٿيندڙ پستول ۽ موٽر سائيڪل هٿ ڪئي وئي آهي. ان کان علاوه جوابدارن ٺٽو، مڪلي ۽ ڪينجهر پوليس اسٽيشنن جي حدن ۾ روڊ ڦر، ڌاڙي ۽ موٽر سائيڪل چوري جي ڪيترن ئي واقعن ۾ ملوث هجڻ جو اعتراف به ڪيو آهي. فرار ٿيل جوابدارن جي ڳولا لاءِ پوليس ڇاپا هڻي رهي آهي. ٺٽي پوليس اسٽيشن تي جوابدارن خلاف الڳ الڳ ڪيس داخل ڪيا ويا آهن. وڌيڪ جاچ جاري آهي.

آگسٽ 22, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو