مشهور ڀارتي اداڪار ديهانت ڪري ويو

موهالي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي پنجابي فلمن جا نامور ڪاميڊين ۽ اداڪار جَسوندر سنگهه ڀَلا 65 ورهين جي عمر ۾ ديهانت ڪري ويو.
ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب، اداڪار جي گهروارن سندس موت جي تصديق ڪندي ٻڌايو ته کيس برين اسٽروڪ ٿيڻ کانپوءِ موهالي جي اسپتال ۾ داخل ڪرايو ويو هو، جتي هو جمعي جي صبح دم ڌڻي حوالي ڪيو.
رپورٽن موجب، جسوندر سنگهه ڀلا جون آخري رسمون 23 آگسٽ، ڇنڇر ڏينهن، منجهند 12 وڳي موهالي ۾ ادا ڪيون وينديون ، جتي پنجابي فلم انڊسٽري سان واڳيل شخصيتون شرڪت ڪنديون.
اداڪار جي ڪُمهلي لاڏاڻي جي خبر فلم انڊسٽري کي گهري صدمي ۾ وڪوڙي ڇڏيو آهي.
جسوندر سنگهه ڀلا جي موت تي ڀارتي سياسي اڳواڻن ۽ فلمي دنيا جي ناليوارين شخصيتن ڏک جو اظهار ڪندي سندس پونئرن سان تعزيت ڪئي آهي.
ياد رهي ته جسوندر سنگهه ڀلا پنهنجي ڪيريئر جي شروعات 1988 ۾ ڪاميڊي البم ”ڇنڪاتا 88“ سان ڪئي هئي.
هن ڪيترين ئي سپر هٽ پنجابي فلمن ۾ يادگار ڪردار ادا ڪيا جن ۾ ڪيري آن جٽا، ڀاجي اِن پرابلم، منجهي بيسران دي، سجن سنگهه رنگروٽ ۽ جٽ اينڊ جوليٽ جهڙيون فلمون شامل آهن.