عمري زائرين لاءِ اهم هدايتون جاري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) مذهبي مامرن واري وزارت تصديق ٿيل عمري وارين ڪمپنين جي فهرست جاري ڪري ڇڏي.
ترجمان موجب، شروعاتي طور 53 ڪمپنين جا دستاويز ۽ معاهدا مڪمل طور تصديق ٿي چڪا آهن.
تصديق ٿيل ڪمپنين جي اها فهرست هجري سال 1447ع لاءِ ڪارائتي هوندي، جڏهن ته ٻين ڪمپنين کي هدايت ڪئي وئي آهي ته ضابطي موجب پنهنجي معاهدن جي تصديق جلد مڪمل ڪرائين.
ترجمان وڌيڪ چيو ته عمري جي خواهشمدن کي سختي سان هدايت ڪئي وڃي ٿي ته رڳو وزارت کان تصديق ٿيل ڪمپنين وسيلي ئي پنهنجي بُڪنگ ڪرائن.