عمران خان ايڏو باصلاحيت نه هيو، ميدان تي رانديگرن کي دڙڪا ڏيندو هو: وسيم اڪرم

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي ڪپتان، ليجنڊري فاسٽ بالر ۽ سوئنگ جي سلطان وسيم اڪرم پنهنجي ڪاميابين جو ڪريڊٽ عمران خان کي ڏئي ڇڏيو.
انگلش ڪرڪيٽرن مائيڪل وان، سر اليسٽر ڪڪ، ڊيوڊ لائيڊ ۽ فل ٽفنل سان گڏ هڪ انٽرويو دوران ڳالهائيندي وسيم اڪرم چيو ته ”عمران خان بنا شڪ بهترين ڪپتان هو، جنهن جي قيادت هيٺ مان کيڏيس، پر هو قدرتي طور تي ايڏو باصلاحيت نه هو، هن پنهنجي محنت ۽ عزم سان ڪاميابي حاصل ڪئي.“
وسيم اڪرم جو چوڻ هو ته ”مون ڪرڪيٽ ۾ جيڪو ڪجهه ڪيو، ميدان ۾ هجي يا ميدان کان ٻاهر، ان جو ڪريڊٽ عمران خان ڏانهن وڃي ٿو، هو هميشه اسان کي اعتماد ڏيندا هو، فرنٽ تان ليڊ ڪندا هيو ۽ پنهنجي صلاحيتن تي مڪمل يقين رکندو هو.“
هن چيو ته ”ماڻهو مونکي قدرتي ٽيلنٽڊ بالر چوندا هئا، پر عمران خان جي ڪاميابي سخت محنت جي ڪري هئي، هو قدرتي ٽيلنٽڊ نه هو، پر محنت سان سڀ ڪجهه حاصل ڪيو. 1976 ۾ پنهنجو بالنگ ايڪشن ئي بدلائي ڇڏيائين، جيڪو انتهائي ڏکيو ڪم آهي، پر هو ايترو پُرعزم هيو جو اهو به ڪري ڏيکاريائين.“
اڳوڻي ڪپتان چيو ته ”عمران خان ٽيم جي رانديگرن کان 100 سيڪڙو ڪارڪردگي ڏيکارڻ جو مطالبو ڪندو هو ۽ سستي برداشت نه ڪندا هو، جيڪڏهن ڪو رانديگر ميدان ۾ سست هوندو ته هو دڙڪا ڏيندو هيو، پر جيڪڏهن توهان مڪمل محنت ڪئي ۽ نتيجو سٺو نه نڪتو، ته هو ان کي قبول ڪندا هو.“
ياد رهي ته وسيم اڪرم 1984 ۾ ڊيبيو ڪيو هو، ان دوران عمران خان نوجوان فاسٽ بالر جي رهنمائي ڪئي ۽ کيس دنيا جي بهترين بالرن ۾ شامل ٿيڻ جو موقعو ڏنو.
ان کانپوءِ پاڪستان عمران خان جي قيادت ۾ پهريون ۽ واحد ورلڊ ڪپ کٽيو، جنهن جي فائنل ۾ وسيم اڪرم کي مين آف دي ميچ قرار ڏنو ويو هو.