ڪراچي:ايم جناح روڊ تي ڦٽاڪن جي گودام ۾ ڌماڪي کانپوءِ باهه لڳي وئي،25 ڄڻا زخمي

Spread the love

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ايم اي جناح روڊ تي سي بريس بلڊنگ ۾ موجود ڦٽاڪن جي گودام ۾ ڌماڪي کانپوءِ باهه لڳي وئي.
پوليس سرجن ڊاڪٽر سميعه طارق موجب پٽاڪن جي گودام ۾ ڌماڪي سبب 25 ڄڻا زخمي ٿيا.
ڊاڪٽر سميعه طارق ٻڌايو ته زخمين مان 17 کي جناح اسپتال ۽ 10 کي سول اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.
جناح اسپتال ۾ داخل 4 زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.
ڊي آءِ جي ڏکڻ اسد رضا موجب،ڌماڪي سبب عمارت ويجهو بيٺل گاڏين کي سخت نقصان پهتو ۽ ڀرپاسي وارين عمارتن جا شيشا به ٽٽي پيا.
عمارت ۾ قائم ميڊيڪل اوزارن جي دڪانن ۾ آڪسيجن سلينڊر پڻ موجود هئا، جن کي هٽايو پيو وڃي.
فائر بريگيڊ عملو باهه وسائڻ جي ڪوششن ۾ مصروف آهي.،

آگسٽ 21, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو