ڌاڙيلن خلاف آپريشن شل اعلان تائين محدود نه رهي

Spread the love

سنڌ حڪومت جي اعليٰ سطحي اجلاس ۾ جڏهن وڏي وزير مراد علي شاهه ڌاڙيلن خلاف  آپريشن تيز ڪرڻ جو اعلان ڪيو ته هڪ ڀيرو وري اهو ئي سوال ذهن ۾ آيو، جيڪو هر نئين اعلان تي جنم وٺندو آهي: ڇا هي به محض هڪ اعلان آهي يا حقيقت ۾ ڪا نتيجا خيز  ڌاڙيلن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي؟ لاڙڪاڻي ۽ سکر ڊويزن جي ڪچي ۾ ڏوهارين خلاف آپريشن جي دعويٰ ڪا پهرين ڀيري ناهي ٿي. گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن کان وٺي اڻ ڳڻيا اهڙا اعلان ڪيا، جن تي ڪو به عمل ٿيندي نظر نه آيو. حقيقت اها آهي ته ڌاڙيلن جو وجود ڪنهن هڪ شخص يا گروهه تائين محدود ناهي، اهو هڪ باقاعده نيٽ ورڪ آهي، جنهن ۾ مقامي سطح تي اثر رسوخ رکندڙ ماڻهو، ڪامورا شاهي جا ڪجهه حصا ۽ سياسي طاقت رکندڙ به حصيدار آهن. تنهن ڪري جڏهن به آپريشن جو اعلان ڪيو وڃي ٿو، ته عوام کي اهو سوچڻ تي مجبور ٿيڻو پوي ٿو ته ڇا واقعي ڌاڙيلن خلاف ڪا ڪارروائي ٿيندي يا وري هي اعلان به صرف عوامي دٻاءُ گهٽائڻ لاءِ ڪيو ويو آهي؟

اجلاس ۾ وڏي وزير واضح ڪيو ته پوليس کي هدايت ڏني وئي آهي ته ڌاڙيلن سان مقابلو ڪن، کين هٿيار ڇڏڻ تي مجبور ڪن ۽ امن قائم ڪيو وڃي. سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته جڏهن گذريل ڏهن سالن ۾ ڪيترا ئي  ڀيرا پوليس کي ساڳيون هدايتون ڏنيون ويون آهن،  ته پوءِ آخر ڪهڙي طاقت پوليس کي عمل کان روڪيندي رهي؟ ڇا پوليس وٽ هٿيار گهٽ آهن يا پوءِ حڪمت عملي ڪمزور آهي؟ يا وري معاملو اصل ۾ حڪمت عملي جو ناهي، پر مفادن جو آهي؟ جڏهن تائين حڪومتي صفن ۾ اهڙا ماڻهو موجود رهندا، جيڪي ڌاڙيلن سان لاڳاپيل مفادن جا تحفظ ڪندڙ آهن، تڏهن تائين ڪو به آپريشن نتيجو خيز ٿي ئي نه سگهندو.

سنڌ جي عوام کي ڌاڙيلن جي دهشت کان ڇوٽڪارو ملڻ گهرجي، پر ان لاءِ صرف اجلاس ۽ فيصلا ڪافي نه آهن. جيڪڏهن واقعي حڪومت سنجيده آهي ته پوءِ سڀ کان پهريان پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي صفن مان اهو ڳٺ جوڙ ختم ڪرڻو پوندو، جيڪو ڌاڙيلن کي هر آپريشن کان اڳ ئي خبر ڏئي ڇڏيندو آهي. ان سان گڏوگڏ سياسي سطح تي به اهو فيصلو ڪرڻو پوندو ته ڪهڙو به ماڻهو، جيڪو ڌاڙيلن جي پٺڀرائي ۾ ملوث ثابت ٿئي، کيس بنا ڪنهن سياسي مصلحت جي گرفتار ڪيو وڃي. جيڪڏهن اهو نه ٿيو ته پوءِ ڪيترا به اجلاس ٿين، ڪيتريون به دعوائون ٿين، ڌاڙيل پنهنجا ڳڙهه ڇڏي نه سگهندا.

اهڙي اجلاس ۾ جڏهن ڪراچي جي پاڻي جي بحران تي به بحث ٿيو، ته اهو به هڪ ٻيو وڏو الميو آهي. ڪراچي ۾ غيرقانوني هائيڊرنٽ ۽ پاڻي جي چوري جو معاملو به بلڪل ساڳي نوعيت جو آهي، جيئن ڪچي ۾ ڌاڙيلن جو آهي. هتي به هڪ مڪمل نيٽ ورڪ آهي، جنهن ۾ واٽر بورڊ جا آفيسر، مقامي بااثر ماڻهو ۽ ڏوهاري گروهه شامل آهن. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته غيرقانوني هائيڊرنٽن خلاف ڪريڪ ڊائون ڪيو پيو وڃي ۽ پاڻي سان لاڳاپيل ڏوهن لاءِ نئون قانون لاڳو ڪيو ويندو. پر عوام کي خبر آهي ته اهڙيون دعوائون به اڳ ۾ ڪيتريون ئي ڀيرا ٿي چڪيون آهن. نتيجو اهو نڪتو آهي ته پاڻي اڃا به ماڻهن تائين گهٽ پهچي ٿو ۽ ٽينڪر مافيا جو راڄ وڌي ويو آهي.سنڌ جي حڪمرانن لاءِ سڀ کان وڏو سوال اهو آهي ته آخر ڇو هر مسئلي تي اعلان ته ٿين ٿا پر نتيجا سامهون نٿا اچن؟ ڌاڙيلن خلاف آپريشن هجي يا پاڻي جي چوري خلاف ڪريڪ ڊائون، هر ڀيري عوام کي اميد ڏياريو وڃي ٿو، پر ڪجهه وقت کان پوءِ اهو اعلان ماضيءَ جو حصو بڻجي وڃي ٿو ۽ ماڻهو وري به ساڳي ڏهڪاءَ ۽ ساڳين مسئلن ۾ ڦاٿل رهجي وڃن ٿا.

جيڪڏهن سنڌ حڪومت واقعي اصلاحي قدم کڻڻ چاهي ٿي ته پهرين قدم طور عوام سان سچ ڳالهائڻ گهرجي. عوام کي اهو ٻڌائڻ گهرجي ته مسئلا صرف اجلاس ڪرڻ سان حل نٿا ٿين، پر حقيقي ۽ ڏکيا فيصلا ڪرڻ سان ٿين ٿا. ڌاڙيلن خلاف آپريشن جو مطلب صرف ڪچي ۾ گوليون هلائڻ نه آهي، پر ان جو مطلب آهي ته ڏوهارين جي مالي ذريعن کي بند ڪرڻ، انهن جي پٺڀرائي ڪندڙ بااثر ماڻهن کي پڪڙڻ ۽ قانون جي بالادستي کي يقيني بڻائڻ.ساڳئي وقت ڪراچي جي پاڻيءَ جي بحران جو حل به صرف هائيڊرنٽ ٽوڙڻ نه آهي، پر هڪ اهڙو شفاف نظام قائم ڪرڻ آهي، جنهن ۾ هر ماڻهوءَ تائين صاف پاڻي مقرر اگهه تي پهچي. جڏهن عوام کي اعتماد ۾ وٺي، حقيقي سڌارا آندا ويندا، تڏهن ئي ماڻهو سمجهندا ته حڪومت سنجيده آهي. ٻي صورت ۾ هر نئين اعلان سان گڏ عوام جي بيزاري وڌندي ويندي ۽ اعتماد مڪمل طور ختم ٿي ويندو.

سنڌ حڪومت کي اهو سمجهڻ گهرجي ته وقت تمام تيزيءَ سان نڪري رهيو آهي. ڌاڙيلن خلاف آپريشن صرف اجلاس جي بيانن تائين محدود رهيو ته اهو به ماضيءَ جي اعلانن جيان بيڪار ثابت ٿيندو. پر جيڪڏهن واقعي حڪومت پنهنجي ادارن ۾ شفافيت آڻي، ڌاڙيلن جي پٺڀرائي ڪندڙن کي قانون جي گرفت ۾ آڻي ۽ عوام سان گڏجي حقيقي حڪمت عملي اختيار ڪري، ته پوءِ اهو آپريشن سنڌ جي تاريخ ۾ هڪ نئون باب لکي سگهي ٿو. عوام کي ضرورت آهي امن جي، انصاف جي ۽ ايماندار حڪمراني جي. جيڪڏهن اها فراهم ڪئي وئي ته ڌاڙيلن جي دنيا پاڻمرادو ختم ٿي ويندي. پر جيڪڏهن اعلانن ۽ تقريرن کان اڳتي نه وڌيو ويو ته پوءِ سنڌ جا ماڻهو هڪ ڀيرو ٻيهر مايوسيءَ ۾ دٻجي ويندا ۽ حڪومت تي عوام جو اعتماد مڪمل طور ختم ٿي ويندو.

آگسٽ 21, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو