نوَ مئي جي اٺ ڪيسن ۾ عمران خان جي ضمانت منظور، آزاد ڪرڻ جو حڪم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ 9 مئي جي 8 ڪيسن ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف ( پي ٽي آءِ ) جي باني چيئرمين ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي ضمانت جون درخواستون منظور ڪندي کيس آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
چيف جسٽس پاڪستان جسٽس يحى آفريدي جي سربراهي ۾ ٽي رڪني بئنچ 9 مئي جي ڪيسن ۾ عمران خان جي ضمانت منظور ڪئي.
ان کان اڳ چيف جسٽس يحى آفريدي جي سربراهي ۾ ڪيس ٻڌندڙ بئنچ ۾ تبديلي ڪئي وئي، جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب جي جاءِ تي جسٽس حسن اظهر رضوي کي ٽي رڪني بئنچ ۾ شامل ڪيو ويو.
ٻڌڻي دوران اسپيشل پراسيڪيوٽر ذوالفقار نقوي عدالت کي ٻڌايو ته هو گذريل ڏينهن طبيعت ناساز هئڻ سبب پيش نه ٿي سگهيو، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته ڪو مسئلو ناهي.
چيف جسٽس پاڪستان چيو ته عدالت جا توهان ٻنهي لاءِ ٻه سوال آهن، پڪ سان توهان لاهور هاءِ ڪورٽ جو فيصلو پڙهيو هوندو.
پهريون سوال آهي ته ڇا ضمانت واري ڪيس ۾ حتمي فيصلو ڏئي سگهجي ٿو؟
ٻيو سوال اِهو آهي ته ماضي ۾ سازش جي الزام هيٺ سپريم ڪورٽ جوابدارن کي ضمانت ڏني، ڇا ان تسلسل جو اصول هن ڪيس تي لاڳو ٿيندو؟
اسپيشل پراسيڪيوٽر ذوالفقار نقوي چيو ته ضمانت ڪيس ۾ عدالت جون آبزرويشنون هميشه عبوري نوعيت جون هونديون آهن ۽ انهن جو ٽرائل تي ڪو اثر نٿو پوي. سپريم ڪورٽ ضمانت بابت گائيڊ لائينز ڏنيون آهن، ڪڏهن انهن تي عمل ٿيندو آهي، ڪڏهن نه ٿيندو آهي.
هن اعجاز احمد چوڌري ڪيس ۾ ضمانت جي منظوري وارو فيصلو به عدالت ۾ پڙهي ٻڌايو.
چيف جسٽس چيو ته سپريم ڪورٽ ۾ سازش بابت ڪيسن ۾ ضمانت رد ٿيڻ جا فيصلا پڙهي اچو.
جسٽس يحى آفريدي اسپيشل پراسيڪيوٽر کان پڇاڻو ڪيو ته ڇا ڪو اهڙو ڪيس آهي جتي سازش ٿي هجي ۽ ضمانت رد ٿي هجي؟
چيف جسٽس چيو ته تازو سپريم ڪورٽ ۾ آيل سازش سان لاڳاپيل ڪيسن ۾ ضمانت منظور ٿي آهي، اهڙن ئي الزام وارن 3 ڪيسن ۾ به ضمانت ڏني وئي آهي. پنهنجو ڪيس ٻين کان الڳ ثابت ڪيو.
ذوالفقار نقوي چيو ته انهن ڪيسن ۾ شايد ثبوت موجود نه هئا، پر هاڻوڪي ڪيس ۾ سوشل ميڊيا تي ثبوت موجود آهن.
چيف جسٽس چيو ته ضمانت واري اسٽيج تي توهان کي ميرٽ تي ڳالهائڻ جي ضرورت ناهي.
عمران خان جي وڪيل سلمان صفدر چيو ته مون وٽ سازش سان لاڳاپيل سڀ ضمانت وارا ڪيس موجود آهن.
چيف جسٽس اسپيشل پراسيڪيوٽر کي هدايت ڪئي ته سپريم ڪورٽ جو اهڙو ڪيس ٻڌايو جتي سازش جي الزام ۾ ضمانت رد ٿي هجي.
پراسيڪيوٽر ٻڌايو ته انهن ڪيسن ۾ نالا ايف آءِ آر ۾ شامل نه هئا، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته سازش وارن ڪيسن ۾ ضمانت نه ڏيڻ ۾ ٿوري مشڪل ٿيندي آهي، ڪيس جي ميرٽ تي ڪا ڌر بحث نه ڪندي، اهو ڪم ٽرائل ڪورٽ جو آهي.
ذوالفقار نقوي چيو ته 2014 ۾ سپريم ڪورٽ فيصلو ڏنو هو ته ضمانت ۾ ڏنل آبزرويشنون عارضي هونديون آهن، 1996 ۽ 1998 ۾ به اهو ئي اصول اختيار ڪيو ويو. 2022 ۾ محمد رفيق بنام اسٽيٽ ڪيس ۾ به ساڳيو اصول لاڳو ڪيو ويو.
چيف جسٽس سوال ڪيو ته ڇا توهان وٽ جوابدار خلاف ثبوت آهن؟
پراسيڪيوٽر جواب ڏنو ته 3 شاهدن جا بيان، فوٽو گراميٽڪ ۽ وائس ميچنگ ٽيسٽ موجود آهن.
هن چيو ته واٽس ايپ پيغامن جا رڪارڊ به موجود آهن، پر ٽرائل ڪورٽ ۾ جيل ۾ جوابدار سهڪار نه ڪيو.
سپريم ڪورٽ فريادي جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ 9 مئي جي 8 ڪيسن ۾ عمران خان جون ضمانتون منظور ڪندي کيس آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو.
چيف جسٽس چيو ته بار بار ٻڌائي رهيو آهيان، ضمانت واري ڪيس ۾ حتمي فيصلو نه ڏبو. سپريم ڪورٽ هن معاملي ۾ هميشه محتاط رهي آهي، ثبوت ٽرائل ڪورٽ ۾ پيش ڪيا وڃن، فائنڊنگ ٽرائل ڪورٽ ڏئي.
جسٽس حسن اظهر چيو ته عمران خان کي 14 مئي تي اڳواٽ ضمانت ملي هئي، ڇا ان دوران ڪا پڇا ڳاڇا ٿي؟
ذوالفقار نقوي چيو ته عمران خان سڀني ڪيسن ۾ مرڪزي ڪردار آهي.
چيف جسٽس چيو ته جيڪڏهن اسان ميرٽ تي وڃون ٿا ته پوءِ وڪيل سلمان صفدر به دليل ڏيندو، سپريم ڪورٽ جيڪڏهن ميرٽ تي آبزرويشن ڏني ته ٽرائل متاثر ٿيندو. منهنجو ڪم اوهان کي خبردار ڪرڻ هو، باقي توهان جيئن بهتر سمجهو.