نوشهرو فيروز: دالي شهر واسين جو قرآن کڻي احتجاج، پوليس ۽ مائٽن تي ظلم جا الزام

Spread the love

نوشھرو فيروز(رپورٽ: محمد عادل عباسي )نوشھرو فيروز ڀرسان دالي شھر جا رھواسي جان محمد ڪلھوڙو ۔زينب خاتون ۔بيبي آمنا خاتون لڏڻ خاتون  ۔ذبيده ڪلھوڙو قرآن شريف کڻي  نيشنل پريس اڳيان احتجاج ڪندي ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته اسان جي ڳوٺ جانظير ڪلھوڙو ۔نثار ڪلھوڙو رياض ڪلھوڙو ۔اياز ڪلھوڙي اسان جو جيئڻ جنجال ڪري ڏيو ڏيو ھنن مون تي چوريء جو ڪيس ڪيو ڪوڙو نڪتو وري گھر جو ڪيس پنھنجي ڀائٽي ھوا کان ڪرائيو ھو   پلاٽ منھنجو آ اھو به مون ھاء ڪورٽ مان کٽيو آھي

ايس ايڇ او ڀرياسٽي شڪيل اعواڻ گل حسن ڪلھوڙو دالي ٿاڻي جو انچارج منھنجي مخالفن کان پئسا وٺي اسان جي عورتن کي اسان کي ڏنڊا ھڻي گھر مان ڪڊي ڇڏيو آاسان دربدريء واريء زندگي پيا گذاريون گھر منھنجي نالي آ ھاء ڪورٽ به فيصلو منھنجي حق ۾ ڏنو ايس ايڇ او ڀرياسٽي ۽ ۽انچارج دالي مون کي ڳوليندا ٿا وطن ته گھر جي گھر نه ڪر اڳتي پوئتي ٿيندي ته توکي ھاف فراء ڪنداسين اسان آء جي سنڌ ايس ايس پي نوشھرو فيروز سيشن جج نوشھرو فيروز کي اپيل ٿا ڪريون ته  ھن قرآن شريف جي صدقي  ايس ايڇ او ڀرياسٽي ۽ دالي چونڪي انجارج جي ظلمن کان بچائين ۽ مون کي پنھنجي گھر ۾ ويھڻ ڏين جي نه ته پوء مان پنھنجي ٻارن ٻچن سميت ايس ايس پي آفيس اڳيان پاڻ ساڙينداسين ان جا ذميوار منھنجا مائٽ ايس ايڇ او ڀريا سٽي ۽ دالي ٿاڻي جو انچارج ھوندا خدا را مون سان انصاف ڪيو وڃي ۔

آگسٽ 21, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو