نوان صوبا ۽ 18 هين ترميم جو خاتمو:پ پ ۽ ن ليگ سوڙهيون؟

Spread the love

اسلام آباد (ويب ديڪس) ملڪ ۾ وڏي هلچل ٿيڻ واري آهي جنهن جي چاٻي عمران خان وٽ آهي، ڇو ته 27هين ترميم هڪ وڏو ايشو بڻجي سگهي ٿو. اسٽيبلشمينٽ 27هين ترميم چاهي ٿي. معدنيات واري معاملي لاءِ وفاق کي وڌيڪ ڪنٽرول گهرجي ۽ ان لاءِ اين ايف سي ايوارڊ جي خاتمي تي ڳالهيون ٿي رهيون آهن. ان لاءِ 27هين ترميم جي ضرورت آهي. اهم شخصيت موجب، وفاقي حڪومت، مسلم ليگ ن 27هين ترميم لاءِ تيار ناهي، اسحاق ڊار اشاري ۾ چئي ڇڏيو آهي ته هو ان لاءِ تيار نه آهن. اسٽيبلشمينٽ ان حوالي سان پنهنجي ڪوشش ڪندي. هن وقت عمران خان مٿان اها تلوار آهي ته سپريم ڪورٽ مان آخري فيصلو اچڻو آهي.

سپريم ڪورٽ ۾ 9 مئي بابت عمران خان جي ڪيس جي ٻڌڻي ملتوي ڪئي وئي. اها اسٽيبلشمينٽ جي حڪمت عملي لڳي رهي آهي، ڪيسن کي آهستي آهستي انجام تائين پهچايو پيو وڃي ته جيئن تلوار لٽڪيل هجي.عمران خان جي شڪل ن ليگ ۽ پيپلزپارٽي وارن کي ڏيکاري پئي وڃي ته جيئن 18هين ترميم کي به ختم ڪجي. عمران خان بارگيننگ ٽول بڻيل آهي. ٻي ڳالهه اها آهي ته عمران خان کي پاسي تي ڇڏي صوبن واري ڳالهه ڪجي ڇو ته نوان صوبا ن ليگ ۽ پ پ کي قبول ناهن نواز شريف ۽ آصف علي زرداري کي انهيءَ حوالي سان خدشا هئا، ذريعن موجب نواز شريف، آصف علي زرداري، مريم نواز، آرمي چيف ۽ شهباز شريف وچ ۾ معاملا خراب نه ٿيندا، اهي معاملا سنڀالي وٺندا پر معاملا خراب ٿيڻا ئي ٿيڻا آهن. ان مان تحريڪ انصاف ڪو فائدو کڻي سگهي ٿي يا نه، ان بابت ڪجهه نٿو چئي سگهجي.

18 نوان انتظامي يونٽ لساني تناظر ۾ نه ڏٺا وڃن:وسيم اختر

لاهور (ويب ديڪس)ايم ڪيو ايم جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي ميئر ڪراچي وسيم اختر چيو آهي ته هو سياست کان لاتعلق ضرور آهي پر هن پارٽي نه ڇڏي آهي، پر ڪجهه ذاتي ۽ خانداني سببن جي ڪري غير فعال آهي ۽ جلد ئي سرگرمين ۾ واپس ايندو۔ هن چيو ته هو ماضي ۾ به دٻاءُ باوجود پارٽي کان الڳ نه ٿيا ۽ اڄ به ان جو حصو آهن، وسيم اختر صحافي مزمل سهروردي کي ڏنل انٽرويو ۾ چيو ته ڪراچي ۾ امن امان، پاڻي جي کوٽ، ڪچري جا ڍير ۽ ٽرانسپورٽ جو بحران وڌي رهيو آهي ۽ سنڌ جي موجوده حڪومت ان جي سڌي ذميوار آهي ڇاڪاڻ⁠ ته  گذريل 40 سالن کان اها جماعت صوبي تي قابض آهي ۽ بلدياتي ادارن کي ڪڏهن به اختيار نه ڏنا ويا،ڀتا خوري جي سوال تي وسيم اختر چيو ته جيڪڏهن ڪنهن فرد اهڙو ڪيو ته اهو غلط هو پر ان کي ايم ڪيو ايم سان ڳنڍيو ويو،

حالانڪه اصل ڀتو اها اڇي ڪالر ڪرپشن آهي جيڪا کنڊ، ڪڻڪ، گئس ۽ پيٽرول جي نالي تي کربين روپين جي صورت ۾ ورتي وڃي ٿي، پر ان بابت ڪو به ڳالهائي نٿو۔ هن چيو ته ملڪ ۾ ننڍا صوبا ۽ گهٽ ۾ گهٽ 18 نوان انتظامي يونٽ هجڻ گهرجن ته جيئن عوام کي سهولت ملي ۽ انهن جا مسئلا مقامي سطح تي حل ٿي سگهن۔ هن چيو ته جيڪڏهن ڏکڻ پنجاب ۽ بهاولپور کي صوبو ٺاهڻ جي ڳالهه ڪئي وڃي ٿي ۽ ان حوالي سان پنجاب اسيمبلي قرارداد به منظور ڪري رکي آهي ته سنڌ ۾ ان حوالي سان ڳالهائڻ تي اعتراض ڇو ڪيو وڃي ٿو۔ هن چيو ته صوبن جي نئين ورهاست کي لسانيت يا مهاجر صوبي جي نعري سان ڳنڍڻ بدران انتظامي سڌارن جي تناظر ۾ ڏسڻ گهرجي ته جيئن عوام کي حقيقي معنائن ۾ سهولتون ملي سگهن

ڪراچي کي صوبو بڻايو وڃي ته حالتون بهتر ٿينديون: عامر محمود

لاهور (م ڊ) پنجاب گروپ جي چيئرمين ميان عامر محمود چيو آهي ته ڪراچي کي صوبو بڻايو وڃي ته حالتون بهتر ٿينديون. ايپ سپ جي سيمينار ۾ خطاب ڪندي هن تجويز ڏني ته بلوچستان ۾ نصيرآباد، سبی، زوب، قلات، مڪراني علائقن کي به صوبو بڻائي سگهجي ٿو، جڏهن ته پنجاب ۾ بهاولپور، ڊي جي خان ۽ ملتان کي به ڌار صوبن جو درجو ملڻ گهرجي. هن چيو ته گهٽ صوبن سبب گورننس جا مسئلا وڌن ٿا، 33 صوبن سان نئين قيادت پيدا ٿيندي ۽ وچولي طبقي مان ليڊرشپ نڪرندي۔ سندس چوڻ آهي ته ننڍا صوبا ٺهڻ سان جڊيشل سسٽم ۽ عوامي مسئلا بهتر ٿيندا.

آگسٽ 21, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو