نوابشاھ: جشن عيد ميلادالنبي ﷺ جي انتظامن بابت ڊپٽي ڪمشنر جي صدارت هيٺ اجلاس

نوابشاھ (رپورٽ: عبدالفتاح رند) ڊپٽي ڪمشنر شهيد بينظيرآباد عبدالصمد نظاماڻي جي صدارت هيٺ ضلعي ۾ 12 ربيع الاول جشن عيد ميلادالنبي ﷺ وڏي عقيدت ۽ احترام سان ملهائڻ جي سلسلي ۾ انتظامن جو جائزو وٺڻ لاءِ هڪ اجلاس ڊي سي آفيس جي درٻار هال ۾ ٿي گذريو اجلاس کي خطاب ڪندي ڊپٽي ڪمشنر عبدالصمد نظاماڻي چيو ته حضرت محمد ﷺ خاتم النبين پوري دنيا لاءِ رحمت العالمين آهن
انھي لاءِ اسان سڀني جو فرض آهي ته جشن عيدميلادالنبيﷺ وڏي عقيدت ،احترام ۽ شان ۽ شوڪت سان ملهايون ڊپٽي ڪمشنر سمورن تعلقن جي اسسٽنٽ ڪمشنرن کي هدايت ڪندي چيو ته جشن عيد ميلادالنبيﷺجي انتظامن جي سلسلي ۾ تعلقي سطح تي مقامي مذهبي اڳواڻن سان اجلاس منعقد ڪري انتظامن کي يقيني بڻايو وڃي هن کين اھا پڻ هدايت ڪئي ته ميلاد جي سلسلي ۾ منعقد ٿيندڙ جلوسن جي رستن تي ايندڙ حددخلين کي ختم ڪرايو وڃي ڊپٽي ڪمشنر مذهبي اڳواڻن کي يقين ڏياريو ته ضلع انتظاميه طرفان جشن عيد ميلادالنبيﷺجي سلسلي ۾ هرممڪن تعاون ڪندي وڌيڪ بهتر انتظام ڪيا ويندا ۽ ضلع سطح تي ڪنٽرول روم قائم ڪرڻ سان گڏوگڏ چراغان،
مانيٽرنگ ڪميٽين کي پڻ فعال بڻايو ويندو ڊپٽي ڪمشنر تعليم کاتي جي آفيسرن کي هدايت ڪئي ته سرڪاري ۽ نجي تعليمي ادارن ۾ جشن عيد ميلادالنبي صه جي سلسلي ۾ سيرت النبي ڪانفرنس منقعد ڪندي شاگردن وچ ۾ قرات ۽ نعتيه مقابلا ڪرايا وڃن ڊپٽي ڪمشنر حيسڪو عملدارن کي هدايت ڪئي ته جشن عيد ميلادالنبي صه جي موقعي تي رات جي وقت منعقد ٿيندڙن پروگرامن دوران بجلي جي لوڊشيڊنگ ھرگز نه ڪئي وڃي هن ٽريفڪ پوليس کي هدايت ڪئي ته 12 ربيع الاول جي موقعي تي جلوس جي روٽن تي ٽريفڪ جي رواني لاءِ پلان جوڙيو وڃي ڊپٽي ڪمشنر ميونسپل ۽ ٽائون ڪميٽي جي عملدارن کي هدايت ڪئي ته جلوسن جي روٽن ۽ سمورين مسجدن جي اڳيان صفائي کي يقيني بڻايو وڃي ڊپٽي ڪمشنر صحت کاتي جي عملدارن ۽ ريسڪيو 1122 جي انچارج کي ھدايت ڪئي تہ جشن عيد ميلادالنبي صه جي موقعي تي ڪنھن بہ ايمرجنسي کي منھن ڏيڻ لاءِ مرڪزي جلوسن جي گذرگاھن تي ميڊيڪل ڪيمپون قائم ڪيون وڃن
اجلاس کي خطاب ڪندي ايس ايس پي شھيد بينظيرآباد شبير احمد سيٺار چيو ته پوليس پاران 12 ربيع الاول جي حوالي سان سيڪيورٽي پلان جوڙيو پيو وڃي ھن وڌيڪ چيو ته ضلعي ۾ امن امان جي فضا کي برقرار رکڻ لاءِ سمورا عالم سڳورا ۽ شهري پوليس سان تعاون ڪن جڏھن ته منعقد ٿيندڙ ميلاد جي محفلن ۽ جلوسن بابت پوليس کي سيڪيورٽي لاءِ درخواست ڏني وڃي تہ جئين سيڪيورٽي جا وڌيڪ بھتر انتظام ڪري نفري مقرر ڪري سگھجي ھن وڌيڪ چيو ته ھو پاڻ جلوسن جي نگراني لاءِ دورا ڪندو اجلاس ۾ جماعت اهلسنت جي اڳواڻن سيد حسن علي شاهه جيلاني قادري، قاري محمد ساجد اويسي، مولانا نثار احمد سڪندري، سيد نور احمد شاهه،ڊاڪٽر خوشي محمد، محمد اسلم نوري سميت ٻين عالم سڳورن ۽ مذهبي اڳواڻن جشن عيد ميلادالنبيﷺ کي ڀرپور نموني سان ملهائڻ لاءِ مشورا ڏنا ۽ بجلي جي لوڊشيڊنگ، صفائي سٿرائي، روشني سميت ٻيا مسئلا پيش ڪيا اجلاس ۾ ٽائون چيئرمين سيد عاطف زيدي، محمد حيات ڪاڪيپوٽو، ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر ڊاڪٽر اسدالله ڏاهري، ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسرسيڪنڊري محمد سليم ڀٽي، ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر پرائمري مسعود احمد سھتو، ميونسپل ڪمشنر عبدالرزاق شيخ، رينجرز جي عديل، اھل تشيح اڳواڻ محمد حسين چانڊيو سميت سمورن تعلقن جي اسسٽنٽ ڪمشنرن،ٽائون آفيسرن، ريسڪيو، ميلاد ڪاميٽي جي ميمبرن، مذهبي تنظيمن جي نمائندن،پبلڪ ھيلٿ، ٽريفڪ پوليس،پوليس،لوڪل گورنمينٽ، حيسڪو ۽ ٻين لاڳاپيل کاتن جي آفيسرن شرڪت ڪئي.
آگسٽ 21, 2025