سڪرنڊ: دعوت اسلامي جي انتظام هيٺ حسنِ قرآت جو مقابلو، ڪامياب شاگردن ۾ انعام ورهايا ويا

سڪرنڊ ( رپورٽ: راج ڪماراوڏ) دعوت اسلامي جي انتظام هيٺ هلندڙ ديني درسگاھن ۾ نوابشاھ ضلعي جي 13 تيرنهن مدرسن جي شاگردن جي “ حُسن قرآت “ جي جائزي جو مقابلو مدني مرڪز فيضان مدينه سڪرنڊ ۾ منعقد ڪيو ويو جنهن ۾ ٽائون ڪاميٽي سڪرنڊ جي چيئرمين سيد عذير اختر شاھ مهمان خاص طور شرڪت ڪئي
ان موقعي تي مدرسته المدينه جي شاگردن وچ ۾ حسن قرآت جو جائزو ٿيو جنهن ۾ ڪاميابي ماڻيندڙ شاگردن ۾ انعام ورهايا ويا جيڪي ٽائون چيئرمين سيد عذير اختر شاھ ، قاري سيد نور محمد جيلاني ، فيضان مدينه ٽرسٽ جي چيئرمين قاضي جاويد عطاري ، يو سي چيئرمين محمد الدين چانڊيو هٿان ڏياريا ويا پرگرام جي ميزبانن قاري محمد ناصر عطاري ، قاري سيد اعجاز علي عطاري ، قاري غلام دست گير عطاري ، قاري محمد شہباز مدني ، قاري مختیار علي ڪرمي آيل مهمانن جو آڌر ڀاءُ ڪري کين لنگين ۽ هارن جا تحفا پيش ڪرڻ بعد پروگرام جو مقصد ٻڌائيندي چيو ته نوابشاھ ضلعي جي 13 مدرسن جي شاگردن جو جائزو ورتو ويو آهي
ان موقعي تي ٽائون چيئرمين سيد عذير اختر شاھ ڳالهائيندي چيو ته دعوت اسلامي جيڪا دين جي خدمت ڪري رهي آهي سا ساراھ جوڳي آهي دعوت اسلامي 200 کان وڌيڪ ملڪن ۾ دين جي پرچار ڪري رهي آهي جيڪا سندن جدوجهد آهي ان کان اڳ قاري محمد راشد عطاري ڳالهائيندي چيو ته دعوت اسلامي سياست ۽ فرقي واريت کان پاڪ نج مذهبي تحريڪ آهي اهو ئي سبب آهي جو اڄ دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پکڙيل آهي ان موقعي تي حيدر خانزاده ، قاري سيد سجاد علي شاه ، قاري رضا علي عطاري ، قاري محمد اسماعيل سڪندري ، قاري شاهد نواز عطاري ، قاري عبدالوحید عطاري ۽ قاري عبدالخالق عطاري ،حبيب الله عطاري ، محمد صديق راٺوڙ ، محمد ساجد راول ، محمد شاهد راٺوڙ ، علي اصغر پرهياڙ ۽ ٻيا مهمان شريڪ هئا
آگسٽ 21, 2025