سيوهڻ ۽ ڀرپاسي ۾ ٽن ڏينهن کان طوفاني برسات، گهرن ۽ دڪانن کي وڏو نقصان

Spread the love

سيوھڻ (رپورٽ: محمد صفر ايم سيوھاڻي)سيوھڻ شھر ۾ گذريل ٻن ڏينھن کان وقفي وقفي سان جاري ۽ ساري ، تفصيل موجب سيوھڻ شھر ۾ گذريل ٻن ڏينھن کان وٺي برسات جاري ۽ ساري،  سيوھڻ شريف تعلقي ۽ سيوهڻ شھر ۽ ويجھڙائي وارن ڳوٺن ۾ تيز طوفاني برساتن جو سلسلو جاري،تعلقي سيوھڻ شريف سميت، سيوهڻ شريف ۽ پسگردائيءَ وارن علائقن ۾ 3 ڏينهن کان سانوڻيءَ جي زوردار طوفاني برساتن جو سلسلو جاري آھي،

تيز ترين طوفان سبب ڪيترائي ڪکانوان گھر، ڇپر، ۽ وڻ پاڙئون پٽج ويا، سولر پليٽون اڏامي ۽ ڀڄي پيون، وڏي انگ ۾ ڪچين جڳھين کي نقصان پهتو، شھر جا روڊ رستا تيز طوفاني برسات سبب پاڻي ۾ ڀرجي ويا، ۽ دوڪانن ۽ گھرن ۾ پاڻي ڪاهجي پيو، شھر ۾ انتظاميا پاران پاڻي جي نيڪالي جو ڪم جاري، شھر جي ڪجھ محلن ۽ گھٽين مان برساتي پاڻي نيڪال نه ٿي سگھيو،

جڏھن ته ميونسپل ڪاميٽي سيوھڻ جي انتظاميہ جون سيوھڻ شھر جي رھيل  علائقن مان برساتي پاڻي نيڪال ڪرائڻ لاء ڪوششون جاري.

آگسٽ 21, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو