سيد امير حيدر شاھ جي چوٿين ورسي سن ۾ عقيدت سان ملهائي وئي

Spread the love

سڪرنڊ ( رپورٽ: راج ڪماراوڏ) رهبر سنڌ سائين جي ايم سيد جي وڏي فرزند اڳوڻي ايم اين اي ۽ ايم پي اي عاشق سنڌ سيد امير حيدر شاھ جي چوٿين ورسي انتهائي عقيدت ۽ احترام سان سندس اباڻي شهر سن ۾ ملهائي وئي جتي سندس ايثال ثواب لاءِ قرآن خواني ۽ فاتحه خواني جو اهتمام ڪيو ويو جنهن بعد مرحوم سيد امير حيدر شاھ جي فرزند ۽ درگاھ حيدر شاھ سنائي جي سجاده نشين سيد بدرالزمان شاھ وفد سان گڏ سندس والد جي مزار تي گلن جي چادر چاڙهي دعا گهري چادر چاڙھڻ وقت سن شهر جي معزز شخصيت قاضي صلاح الدين ميمڻ سميت ڪئي شخصيتون موجود هيون ان موقعي تي سيد بدرالزمان شاھ ڳالهائيندي چيو ته سيد امير حيدر شاھ امر ڪردار شخصيت هو سندس سنڌ لاءِ ڪيل خدمتون تاريخ ۾ سنهري اکرن سان لکيون وينديون اهي ئي ڪردار هئا جن سنڌ جي مالڪي ڪئي پاڻ جڏھن ايم اين اي ۽ ايم پي اي رهيا تڏھن علائقي جي غريب ماڻھن کي سرڪاري نوڪريون ڏياريون ۽ ترقياتي ڪمن جو ڄار وڇايو هن وڌيڪ چيو ته گهٽ ماڻھو هوندا آهن

جيڪي ذميواريون نڀائيندا آهن اسين سمجهون ٿا ته بابا سائين انهن هستين مان هو جن لاءِ  وڏڙن چيو آهي ته انسان کي موت آهي پر ڪردار کي موت ناهي اهو ڪردار سيد امير حيدر جو آهي ان موقعي تي سيد منير حيدر شاھ ڳالهائيندي چيو ته سيد امير حيدر شاھ جڏھن قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جو ميمبر رهيو تڏھن سندس ڪيل ڪم تاريخ جو حصو آهي خاص ڪري تعليم ۽ صحت جي حوالي سان سائين جن جون ڪيل خدمتون ورهين تائين ياد رهنديون اڄ سندس چوٿين ورسيءَ تي کيس ڀيٽا پيش ڪري رهيا آهيون

ھن اهو پڻ چيو ته بابا سائين سيد بدرالزمان شاھ حيدر شاھ سنائي جو 16 هون سجاده نشين آهي پر اسان جي گادي عام گادين کان مختلف آهي حيدر شاھ سنائي جي مريدن کان ڪوبه ڏن نه ورتو ويندو آهي جڏھن ته ٻين پيرن جي.درگاهن تي نسل در نسل اولادن جا مريد ڪيا ويندا آهن پر حيدر شاھ سنائي جو اهو واحد در آهي جتي نسل در نسل نه بلڪه جيڪو به مريد آهي يا ٿيندو اهو حيدر شاھ سنائي جو ئي هوندو ۽ رهندو .

آگسٽ 21, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو