دادو: مزدور آباد محلي ۾ مدينہ مسجد جو ٽرانفارمر ٻن هفتن کان نہ لڳو صارفين سخت پريشان

Spread the love

دادو (رپورٽ: سرور جلال سولنگي) دادو جي مزدور آباد ۾ ٻه هفتا گذرڻ باوجود ٽرانسفارمر نه لڳايو ويو، محمدي مسجد ويجهو محلي جا سوين گهر بجلي کان محروم ٿي پيا. سخت گرمي ۾ صاف پاڻي جي کوٽ ۽ ٻارن سميت بيمار ۽ پيرسن ماڻهون تڪليف ۾ مبتلا محلي واسين جو چوڻ آهي ته هلندڙ مهيني ۾ هي ٻيون ڀيرو ٽرانسفارمر سڙي ويو، جنهن جي مرمت لاءِ واپڊا عملي پاران ڳري رقم ۽ هر گهر کان چندو وصول ڪيو ويو،

پر بجلي بحال نه ٿي. رهواسين الزام هنيو ته لکين رپيا گڏ ڪرڻ باوجود سيپڪو عملي ٽرانسفارمر لهرائي مرمت جي نالي ۾ غائب ڪري ڇڏيو آهي. متاثر علائقي وارن چيو ته ڪيترائي ڀيرا آفيسرن کي درخواستون ڏنيون آهن، پر ڪنهن به قسم جو نوٽيس نه ورتو ويو آهي. ٻن هفتن کان بجلي جي بنا رهڻ سبب رهواسي شديد اذيت ۾ آهن. انهن چتاءُ ڏنو آهي ته جيڪڏهن ٻن ڏينهن اندر بجلي بحال نه ڪئي وئي ته سيپڪو عملي خلاف سخت احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي.

آگسٽ 21, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو