”آرمي چيف ڪو انٽرويو ناهي ڏنو، برسلز ۾ پي ٽي آءِ يا معافي جو ذڪر ناهي ٿيو“ پاڪ فوج جو سهيل وڙائچ جي آرٽيڪل تي ردعمل

Spread the love

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر جي سربراهه ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري واضح ڪيو آهي ته آرمي چيف طرفان ڪنهن به صحافي کي ڪو به انٽرويو ناهي ڏنو ويو، سهيـل وڙائچ جي جنهن ڪالم جي ڳالهه ڪئي پئي وڃي، اهو برسلز جو ايونٽ هو، جتي پي ٽي آءِ يا معافي جو ڪو ذڪر نه ٿيو.
ڊي جي آءِ ايس پي آر ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف اسلام آباد ۾ ميڊيا سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه دوران چيو ته سهيـل وڙائچ جي آرٽيڪل ۾ جن ڳالهين جو حوالو ڏنو ويو آهي، اهي اصل ۾ برسلز جو ايونٽ هو، جتي سوين ماڻهن تصويرون ڪڍرايون، جڏهن ته آرمي چيف طرفان ڪو به انٽرويو نه ڏنو ويو.
هن چيو ته برسلز جي ايونٽ ۾ نه پي ٽي آءِ جو ذڪر ٿيو، نه ئي معافي جو، اها هڪ صحافي جي ذاتي مفاد ۽ مشهوري حاصل ڪرڻ جي ڪوشش آهي.
هن چيو ته 9 مئي جا ذميوار ۽ انهن جا سهولتڪار قانون موجب ڪٽهري ۾ اچڻ گهرجن. افسوس جي ڳالهه آهي ته سينيئر صحافي ٿي به غير ذميواريءَ جو مظاهرو ڪيو ويو.
ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته ڀارت جو خيال هو ته دهشتگرداڻين پراڪسيز ۽ ٻين سهولتڪار قوتن جي مدد سان پاڪستان تي حملو ڪندو، ڀارت سمجهيو هو ته پاڪستاني فوج کي سولائيءَ سان ڊِس ڪريڊٽ ڪري ڇڏيندو، پر نتيجو ان جي ابتڙ آيو. پاڪستان ۽ پاڪ فوج جي ڀرپور جواب کان پوءِ ڀارت جون پراڪسيز ۽ پاڻ ڀارت ئي ڊسڪريڊٽ ٿي ويو.
ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري چيو ته ڪنهن چيو ته ڀارت وٽ اربين ڊالر جي عسڪري مشين آهي، آسانيءَ سان پاڪستان کي شڪست ڏئي ڇڏيندو. ڪنهن چيو ته ڀارت کي حملو ڪرڻ گهرجي. انهن جو خيال هو ته هڪ پاسي ڀارت ۽ ٻي طرف ” فتنه الخوارج“ ۽ ” فتنه الهندوستان “گڏجي حملو ڪندا، پر پوءِ دنيا ڏٺو ته پاڪستان ٻنهي محاذن تي دشمن جو مقابلو ڪيو.
هن چيو ته پاڪستان مان دهشتگردي کي اکوڙڻ لاءِ غير قانوني اسپيڪٽرم کي ختم ڪرڻ جو جيڪو فيصلو سڀني سياسي پارٽين 2014 ۾ ڪيو هو، ان تي اڄ تائين مڪمل عمل نه ٿي سگهيو آهي، جڏهن ڏوهن ۾ ملوث ملڪ ۾ رهندڙ غير قانوني افغانن کي ڪڍڻ جي ڳالهه ڪئي وڃي ٿي ته اسان جي ملڪ جا ڪجهه سياسي ۽ ڪرمنل ڪردار ان کي مسئلو بڻائي ڇڏين ٿا.
ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته نيشنل ايڪشن پلان جي 14 نقطن تي مڪمل عمل انتهائي ضروري آهي، گورننس جا خال فوج، پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا روزانو پنهنجي رت سان ڀري رهيا آهن. پاڪستاني نوجوان اسان جو وڏو اثاثو آهن.
واضح رهي ته سينيئر صحافي سهيـل وڙائچ دعويٰ ڪئي هئي ته چيف آف آرمي اسٽاف فيلڊ مارشل عاصم منير برسلز ۾ ڳالهه ٻولهه دوران چيو هو ته سچي دل سان معافي گهري سياسي مصلحت ٿي سگهي ٿي، معافي گهرندڙ فرشتا بڻجي ويا ۽ معافي نه گهرندڙ شيطان بڻجي ويو.
سهيـل وڙائچ جي دعويٰ هئي ته آرمي چيف چيو ته تبديلي بابت افواهون سراسر غلط آهن، اهي افواهه ڦهلائيندڙ حڪومت ۽ اسٽيبلشمينٽ ٻنهي جا مخالف آهن.
هن آرٽيڪل ۾ لکيو هو ته ” آرمي چيف چيو ته الله کيس ملڪ جو محافظ بڻايو آهي ۽ ان کان سواءِ کيس ڪنهن عهدي جي خواهش ناهي.“
سينيئر صحافي موجب، هڪ سوال تي فيلڊ مارشل عاصم منير چيو ته سياسي مصلحت سچي دل سان معافي گهرڻ سان ئي ممڪن آهي. هن تخليقِ آدم بابت قرآن جي آيتن جو حوالو ڏيندي چيو ته تخليق آدم کان پوءِ ابليس کان سواءِ سڀني خدا جو حڪم مڃيو، معافي گهرندڙ فرشتا بڻجي ويا ۽ معافي نه گهرندڙ شيطان بڻجي ويو.

آگسٽ 21, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو