گڏاپ ٽائون ميونسپل ڪارپوريشن پاران برساتي پاڻي جي نيڪاسي لاءِ ايمرجنسي قدمن جو جائزو

ملير (ڊر ) گڏاپ ٽائون ميونسپل ڪارپوريشن جي چيئرمين طارق عزيز بلوچ، ميونسپل ڪمشنر احمد يار ۽ ڊپٽي ڊائريڪٽر سينيٽيشن محمد افضل لغاري بارشن سبب نيڪاسيءَ جي انتظامن جو جائزو وٺڻ لاءِ گڏاپ ٽائون جي مختلف علائقن جو دورو ڪيو۔ ان موقعي تي نيڪاسي آب لاءِ ڪيل قدمن جو معائنو ڪيو ويو ۽ لاڳاپيل عملي کي هدايتون ڏنيون ويون ته برساتي پاڻي جي فوري نيڪاسي کي يقيني بڻايو وڃي ته جيئن شهرين کي ڪنهن به تڪليف جو سامنا نه ڪرڻو پوي۔
چيئرمين طارق عزيز بلوچ چيو ته گڏاپ ٽائون ميونسپل ڪارپوريشن ۾ رين ايمرجنسي نافذ ڪري ڇڏي آهي، عوام کي سهولتون فراهم ڪرڻ اسان جي پهرين ترجيح آهي۔ برساتي ڏينهن ۾ نيڪاسيءَ جي مؤثر انتظامن ذريعي شهرين کي رليف ڏيڻ اسان جو مقصد آهي، ۽ ان لاءِ سمورا موجود وسيلا استعمال ۾ آندا پيا وڃن۔
ميونسپل ڪمشنر احمد يار چيو ته:
“سينيٽيشن جو عملو رين ايمرجنسي ڊيوٽي تي هر وقت الرٽ آهي ۽ برساتي پاڻي جي نيڪاسي لاءِ ڏينهن رات پنهنجا فرض نڀائي رهيا آهن۔ اسين پنهنجي ٽيم سان گڏ ميدان ۾ موجود آهيون ته جيئن عوامي مسئلا فوري طور تي حل ٿي سگهن۔”ڊپٽي ڊائريڪٽر سينيٽيشن محمد افضل لغاري چيو ته سينيٽيشن جو عملو ۽ سموري مشينري مڪمل طور تي متحرڪ آهي، جتي به پاڻي گڏ ٿيندو، اتي فوري طور تي نيڪاسيءَ جا قدم کنيا ويندا۔ اسان جو مقصد اهو آهي ته برسات دوران شهرين کي وڌ کان وڌ سهولت فراهم ڪجي۔
چيئرمين طارق عزيز بلوچ ۽ ميونسپل ڪمشنر احمد يار شهرين کي اپيل ڪئي ته گڏاپ ٽائون جي عملي سان ڀرپور تعاون ڪن، ته جيئن برساتي ڏينهن ۾ گڏاپ ٽائون جي عوام کي وڌيڪ سهولتون فراهم ڪري سگهجن۔
ان موقعي تي ڊائريڪٽر سينيٽيشن اشرف بلوچ، انچارج سينيٽيشن علي پليجو، شاني پرويز ۽ ٻيا به موجود هئا۔
آگسٽ 20, 2025