ڪراچي ۾ برسات کان پوءِ واري صورتحال ۽ بي نقاب ٿيندڙ انتظامي نااهلي
ڪراچي، جنهن کي ڪڏهن روشنيءَ جو شهر سڏيو ويندو هو، هاڻي هڪ اهڙو شهر بڻجي ويو آهي، جتي زندگي جو هر ڏينهن ماڻهن لاءِ آزمائشن جا نوان در کولي ٿو. گذريل ڏينهن جڏهن پنج ڪلاڪن جي طوفاني برسات وسي ته هن شهر جا رستا، شاهراهون، ڪالونيون، بازارون ۽ رهائشي علائقا درياهه جو ڏيک ڏيڻ لڳا. هر طرف پاڻي ئي پاڻي بيٺل نظر آيو جيڪو اهو ثابت ڪرڻ لاءِ ڪافي آهي ته حڪومت ۽ انتظاميا جو دعوائون محض دعوائون ئي هيون، حقيقت ۾ تياريءَ جو ڪوبه وجود ڪونهي. سنڌ حڪومت جا ٻه وزير ڪجهه هفتا اڳ وڏي فخر سان اعلان ڪري رهيا هئا ته “هن ڀيري برساتن کي منهن ڏيڻ لاءِ مڪمل تياريون ٿي ويون آهن”، پر پنج ڪلاڪن جي مينهن سندن سڀني دعوائن کي وائکو ڪري ڇڏيو.هن ڀيري به جڏهن ڪراچي ٻڏي وئي ته هر پاسي بي وسي جا منظر ڏسڻ ۾ آيا. ماڻهو پنهنجي ٻارن کي ڪلهن تي کڻي پاڻيءَ مان گذرڻ لاءِ مجبور ٿيا، اسڪولن، ڪاليجن ۽ اسپتالن ۾ پاڻي داخل ٿي ويو. جن علائقن کي شهر جو مرڪز سڏيو ويندو آهي، اتي به پاڻيءَ بيهڻ سبب زندگي معطل ٿي وئي. حيدرآباد ڪالوني، ناظم آباد، صدر، گلشن اقبال، لانڍي، ملير، ڪورنگي ۽ اتر ڪراچي، هر هنڌ ساڳيا ئي منظر هئا.
انتظاميا جي نااهليءَ جو سڀ کان وڏو ثبوت اهو آهي ته هر سال ساڳي صورتحال ورجائي ٿي، پر ڪو به سکڻ وارو سبق نه ٿو ملي. برسات کان اڳ ڪيتريون ئي دعوائون ڪيون وڃن ٿيون پر جڏهن پاڻي اچي ٿو ته سمورا نالا اوورفلو ٿيڻ لڳن ٿا. شهر جا پمپنگ اسٽيشن بند ٿي وڃن ٿا، بجليءَ جو نظام ٺپ ٿي وڃي ٿو ۽ عوام لاءِ ڪو به متبادل انتظام نه ٿو رهي. برسات وسڻ سان گڏ ئي بجلي بند، پاڻي نيڪال جو نظام بند، ٽريفڪ جي رواني متاثر ٿئي ٿي ۽ زندگي مڪمل طور تي مفلوج بڻجي وڃي ٿي.
اڳ ڪجهه وقت سنڌ حڪومت جي ٻن وزيرن اها دعويٰ ڪئي هئي ته اسان برسات کي منهن ڏيڻ جا مڪمل انتظام ڪري ڇڏيا آهن، جيڪي اسان کي ڪالهه مينهوڳي دوران ڪٿي به نظر نه آيا، پر حد ته اها آهي جو ڪالهه جڏهن ڪراچي شهر ۾ مينهن وسي رهيو هو ۽ شهر جا روڊ، رستا ڍنڍ جو ڏيک ڏئي رهيا هئا تنهن هوندي به شهر جو ميئر پنهنجي ڪوتاهي قبول ڪري عوام کان معافي گهرڻ جي بدران پنهنجي سوشل ميڊيا تي هڪ ويڊيو اپلوڊ ڪري چيائين ته ڪراچي جي رستن مان برسات جو پاڻي مڪمل طور تي نيڪال ڪري روڊن کي صاف ڪيو ويو آهي، جيڪا ڳالهه حقيقت جي بلڪل ئي ابتڙ آهي
انهيءَ سڄي صورتحال ۾ عوام جي بيچيني ۽ مايوسي هر سال وڌي ٿي. ماڻهو حيران آهن ته آخر ڪراچيءَ جهڙو وڏو اقتصادي مرڪز، جيڪو ملڪ جي معيشت جو ڦيٿو هلائي ٿو، ايترو بي يارو مددگار ڇو آهي؟ ڇا حڪومت لاءِ هن شهر جي اهميت رڳو ووٽن ۽ اقتدار تائين محدود آهي؟ جڏهن شهر پنج ڪلاڪن جي مينهن کي برداشت نه ٿو ڪري سگهي ته سوچڻ جي ڳالهه آهي ته ڪنهن وڏي قدرتي آفت ۾ ڇا ٿيندو؟ ڇا حڪومت وٽ ڪا هنگامي حڪمت عملي موجود آهي؟ يا هر ڀيري عوام کي پنهنجي حال تي ڇڏي ڏنو ويندو؟ سنڌ حڪومت جي وزيرن جا بيان هاڻي ماڻهن لاءِ مذاق بڻجي ويا آهن. عوام سمجهي چڪي آهي ته انهن بيانن جي پٺيان ڪا به سنجيدگي ڪونهي. جيڪڏهن واقعي تياريون ڪيون ويون هيون ته پوءِ شهر ڇو ٻڏو؟ جيڪڏهن نالا صاف ڪيا ويا هئا ته پوءِ پاڻي ڇو نيڪال نه ٿيو؟ جيڪڏهن هنگامي منصوبا تيار هئا ته پوءِ اسپتالن تائين رستا ڇو بند ٿيا؟ حڪومت کي هن ڀيري عوام کي مطمئن ڪرڻ لاءِ بيڪار بيانن بدران حقيقي جواب ڏيڻا پوندا. ڪراچيءَ جي ٻڏل حالتن ۾ جيڪو سڀ کان وڏو نقصان ٿيو، اهو عوام جي اعتماد جو نقصان آهي. ماڻهو هاڻي ڪنهن به حڪومتي دعويٰ تي اعتبار ڪرڻ لاءِ تيار نه آهن. اهي ڄاڻن ٿا ته سندن مسئلن جو حل رڳو سکڻيون دعوائون ناهن، پر عملي قدمن سان ممڪن آهي. پر افسوس جو حڪومت وٽ عملي قدمن جي صلاحيت نه نظر نٿي اچي.
جيستائين ڪراچيءَ لاءِ هڪ مضبوط ۽ غير سياسي مڪاني نظام نه ٺاهيو ويندو، تيستائين هر سال ساڳيا منظر نظر ايندا رهندا. هن شهر کي اهڙي قيادت گهرجي جيڪا صرف بيان نه ڏئي، پر شهر جي لاءِ حقيقي ڪم ڪري. اهڙي حڪمت عملي جي ضرورت آهي جيڪا صرف برساتن لاءِ نه پر سڄي سال لاءِ موثر هجي. نالين جي صفائي تي خاص ڌيان ڏيڻ گهرجي ۽ انهن مٿان ٿيل قبضا فوري طور ختم ڪرايا وڃن. بجليءَ جي فراهمي، پمپنگ اسٽيشنن جي سنڀال ۽ ٽريفڪ جو نظام هڪ مستحڪم پاليسيءَ جو حصو هجڻ گهرجي.
هي سوال رڳو ڪراچيءَ جي نه پر سڄي سنڌ ۽ ملڪ جي قيادت لاءِ آهن. ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن ملڪ جو اقتصادي مرڪز ئي هر سال ٻڏي ويندو ته سڄي ملڪ جي معيشت کي وڏو ڌڪ لڳندو. هي وقت آهي ته حڪومت پنهنجي روش تبديل ڪري. بيانن جي سياست بدران عملي ڪم ڏيکارڻ شروع ڪري. ڪراچيءَ کي اهڙي حڪمراني گهرجي جيڪا عمل ۾ نظر اچي.
آگسٽ 20, 2025