وڳڻ ۾ قومي عوامي تحريڪ جو احتجاج ـ ڪارپوريٽ فارمنگ، ڪرپشن ۽ منشيات خلاف آواز بلند

Spread the love

وڳڻ (رپورٽ: عاجز چانڊيو  )وڳڻ قومي عوامي تحريڪ طرفان احتجاجي مظاهرو وڳڻ ۾ قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سڏ تي وڳڻ  المرتضيٰ چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.  ڪارپوريٽ فارمنگ، پاڻي تي ڌاڙن، ڪرپشن، بدامني، منشيات ۽ ميرٽ جي لتاڙ خلاف ڪيو ويو. احتجاجي مظاهري جي اڳواڻي مرڪزي فنانس سيڪريٽري شوڪت علي تونيو، مرڪزي اڳواڻ ضمير حسين مُغيري، ضلعي صدر علي اڪبر خاصخيلي، امير بخش خاصخيلي ۽ انعام ڪانڌڙي ڪئي، جڏهن⁠ ته ڪيترن ئي ڪارڪنن به وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته ڪارپوريٽ فارمنگ سان زرعي معيشت تباهه ٿي رهي آهي، پاڻي تي ڌاڙن ۽ ڪرپشن سبب عام ماڻهو بدترين حالتن کي منهن ڏئي رهيا آهن. هنن چيو ته منشيات سماج کي ناسور ڪري رهي آهي ۽ ميرٽ جي لتاڙ ته نوجوانن لاءِ تباهي بڻجي وئي آهي. اڳواڻن حڪومت کان مطالبو ڪيو ته عوامي مسئلا فوري طور حل ڪيا وڃن، ٻي صورت ۾ احتجاجي تحريڪ وڌيڪ سخت ڪئي ويندي.

آگسٽ 20, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو