نارڪوٽڪس انسپيڪٽر شھمير سمون ـ بهادري، ايمانداري ۽ عوامي حمايت جو علامت

Spread the love

ڇور ( رپورٽ: لالجي سوڍو ) نارڪوٽڪس انسپيڪٽر شھمير سمون ـ بهادر آفيسر عوامي حمايت جو مرڪز بڻجي ويو عمرڪوٽ ۾ فرض شناسي، بهادري ۽ ايمانداري سان خدمتون سرانجام ڏيندڙ نارڪوٽڪس انسپيڪٽر شھمير سمون عوامي حمايت ۽ ساراهه حاصل ڪري رهيو آهي، منشياتي لعنت جي خاتمي لاءِ سندس جدوجهد ۽ جراتمندانه قدمن سان علائقي ۾ نئين اميد پيدا ٿي آهي،

انسپيڪٽر شھمير سمون مختصر عرصي ۾ ڪامياب ڪاروايون ڪري ڪيترن ئي اهم منشياتي ٽولن کي پڪڙي نوجوان نسل کي بربادي کان بچائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. سندس بهادري، فرض شناسي ۽ ايمانداري سبب عمرڪوٽ ۾ قانون جي بالادستي جو نئون مثال قائم ٿيو آهي.سماجي، سياسي ۽ صحافتي حلقن پاران چيو ويو آهي ته شھمير سمون جهڙا آفيسر ئي اصل ۾ ملڪ ۽ قوم جو سرمايو آهن، جيڪي پنهنجي جان کي خطري ۾ وجهي معاشري کي منشيتي ناسورن کان پاڪ ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪن ٿا. شھرين جو چوڻ آهي ته سندس نرم لهجو، عوام دوستي ۽ بي لوث خدمتون انسپيڪٽر کي ٻين کان منفرد بڻائين ٿيون.

واضح رهي ته شھمير سمون جي اڳواڻي ۾ ڪيل ڪامياب ڪاررواين سان عمرڪوٽ ضلعو منشيتي واپار جي خاتمي ڏانهن وڏي اڳڀرائي ڪري رهيو آهي، جنهن تي شھري سندس جدوجهد کي زبردست خراجِ تحسين پيش ڪري رهيا آهن.

آگسٽ 20, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو