شارٽ رن قانون ۾ ڦيرڦار، بيٽر جي غلطي جي سزا ٽيم کي ڀوڳڻي پوندي

Spread the love

ممبئي(ويب ڊيسڪ) ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ ( بي سي سي آءِ ) رياستي ڪرڪيٽ لاءِ ڪيترائي نوان قانون لاڳو ڪري ڇڏيا آهن.
نون قاعدن ۾ هڪ ” ڄاڻي واڻي اڻپور رن “ وارو قانون به شامل آهي.
يعني هاڻي جيڪڏهن ڪو بيٽر شعوري طور تي رن مڪمل نه ڪندو ته فيلڊنگ ٽيم جو ڪپتان اهو طئي ڪري سگهندو ته ايندڙ بال ڪهڙو بيٽر کيڏندو.
ان کانسواءِ اهڙي عمل تي فيلڊنگ سائيڊ کي پنج رنسون ڏنڊ طور پڻ ملنديون.
بي سي سي آءِ موجب، جيڪڏهن بيٽر ڄاڻي واڻي يا غير ارادي طور رنس مڪمل نه ڪري ته اهڙي صورتحال ۾ امپائر پنهنجي اختيار تحت ان کي معاف ڪري سگهي ٿو.
ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ جو چوڻ آهي ته قانون ۾ اِها ڦيرڦار رڳو راند ۾ انصاف ۽ تسلسل کي برقرار رکڻ لاءِ ڪئي وئي آهي.

آگسٽ 20, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو