دادو ماروي ڪالوني ۾ جهيڙو ـ ڪاريگر سخت زخمي، متاثرن جو بااثر جوابدارن خلاف ڪارروائي جو مطالبو

دادو (رپورٽ:سرور جلال سولنگي)دادو ماروي ڪالوني ۾ معمولي ڳالھ تان جهيڙو هڪ ڄڻو زخمي دادو جي ماروي ڪالوني ۾ معمولي ڳالهه تان ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، گهر جي دڪي جو مرمتي ڪم ڪندڙ ڪاريگر سخت زخمي. زخمي ڪاريگر دلشير پنهور، پنهنجي ڀاءُ گلشير پنهور ۽ گهر ڌڻي احسان پنهور دادو پريس ڪلب پهچي دانهيون ته بنا جواز پاڙيسري فاروق چانڊيو، صديق چانڊيو،
سندن ڀاءُ ۽ ٻيا نامعلوم ساڻ ڪري حملو ڪيو متاثرن جو چوڻ هو ته حملو ڪندڙن گهر ڌڻي تي ڪوڏر سان وار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جڏهن ته دڪي جوڙيندڙ ڪاريگر کي رازڪي مستر سان مٿو ڦاڙي سخت زخمي ڪري ڇڏيو، جنهن کي اسپتال ۾ 10 ٽاڪا لڳا آهن. هنن الزام هنيو ته مٿين بااثر جوابدارن کين موت مار ڌمڪيون ڏنيون آهن انهن وڌيڪ چيو ته اسان غريب پورهيت آهيون، ڏهاڙي تي روزگار ڪريون ٿا،
پر پوليس بااثر ماڻهن خلاف اين سي داخل ٿيڻ باوجود ڪو به قدم نه کنيو آهي، جنهن سبب وڌيڪ نقصان جو خطرو آهي. متاثرن ايس ايس پي دادو کان مطالبو ڪيو ته مٿس ٿيل حملي ۾ ملوث جوابدارن کي فوري طور گرفتار ڪري کين انصاف فراهم ڪيو وڃي.
آگسٽ 20, 2025